بجيٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ تعميراتي شعبي لاءِ رليف جو امڪان، سيڙپڪارن کي سهولتن جو فيصلو

0
34
بجيٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ تعميراتي شعبي لاءِ رليف جو امڪان، سيڙپڪارن کي سهولتن جو فيصلو
بجيٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ تعميراتي شعبي لاءِ رليف جو امڪان، سيڙپڪارن کي سهولتن جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي تعميراتي شعبي لاءِ بجيٽ ۾ رليف ملڻ جو امڪان آهي. سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ سهولتون ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب  اوورسيز پاڪستانين کي ملڪ ۾ ملڪيت وٺڻ تي ٽيڪس چوٽ تي آر ٽي او ۽ سي اين او سي تي پابندي ختم ڪئي ويندي. انهن لاءِ پراپرٽي جي خريداري تي آر ٽي او کان اين او سي وٺڻ جي پابندي به ختم ڪئي ويندي. ايف بي آر ذريعن مطابق ريئل اسٽيٽ تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي. پهرين جولاءِ کان ملڪيت جي خريداري تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ٿيڻ جا امڪان آهن. فائلر ماڻهن لاءِ ملڪيت وٺڻ تي 3 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ليٽ فائلر لاءِ 5 سيڪڙو ۽ نان فائلر لاءِ 7 سيڪڙو ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به تجويز آهي. وزيراعظم طرفان تعميراتي شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي وئي آهي. ذريعن موجب فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي خاتمي سان تعميراتي صنعت ترقي ڪندي ۽ ٽيڪس به وڌيڪ جمع ٿيندو، تعميراتي شعبي جي خام مال تي ودهولڊنگ ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ به تياريون ڪيون پيون وڃن. صنعتن جي خام مال کي سستو ڪرڻ لاءِ به بجيٽ ۾ ودهولڊنگ ٽيڪس گهٽ يا ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ملڪيت جي خريد و فروخت تي به ودهولڊنگ ٽيڪس گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. پهرين جولاءِ کان ريئل اسٽيٽ سان لاڳاپيل بلڊرز ۽ ڊولپرز کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو. ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ بي نامي جو 100 سيڪڙو خاتمو يقيني بڻايو ويندو.