اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت بجيٽ کان اڳ ئي اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي. پيٽرول هڪ رپيو لٽر مهانگو ڪيو ويو جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 253 رپيا 63 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي 254 رپيا 64 پئسا قيمت برقرار رکي وئي آهي. رات 12 وڳي کان نيون قيمتون لاڳو ٿي چڪيون آهن جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هونديون.