بجيٽ: ڇا پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ طور استعمال نه پيو ڪيو وڃي؟

0
18
بجيٽ: ڇا پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ طور استعمال نه پيو ڪيو وڃي؟

اها آئيني  طور حقيقت آھي ته پارليامينٽ سمورن ادارن جي ماء جي حيثيت رکندڙ ادارو آھي , ان ۾ به آئيني طور ڪو وڌاء ناهي ته پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ترين ادارو آھي پر سوال اهو آھي ته ڇا پارليامينٽ سپريم ادارو آھي واري ڳالھ زميني حقيقت آھي؟ ان سوال جو جواب اهو آھي ته پارليامينٽ حقيقت ۾ ملڪ جو ڪمزور ترين ادارو آھي ۽ جيترو پارليامينٽ جي اختيارن ۾ انڪروچمينٽ يا مداخلت ٿئي ٿي، اوتري مداخلت شايد ئي ڪنهن اداري جي اختيارن ۾ ٿيندي هجي. پارليامينٽ اهڙي صورتحال ۾ ڇو آھي؟ اهو ڊگهو داستان آھي. پارليامينٽ کي ڪمزور ادارو بنائڻ واري خواهش رکندڙ قوتن جا خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿي سگهن ها، اگر پارليامينٽ ۾ چونڊجي ايندڙ پارٽيون ۽ ميمبر سمجهوتن جون حدون ڪراس نه ڪن ها، سياسي ڌرين جي عوام بجاء طاقتور ڌرين طرف واجهائڻ جي عادت پارليامينٽ کي ان حد تائين وڃي پهچايو آھي جو هاڻي پارليامينٽ جي حيثيت هڪ رٻڙ اسٽيمپ جي حيثيت محسوس ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان انيڪ مثال پيش ڪري سگهجن ٿا پر گذريل ڪجھ مهينن يا سالن جا مثال ڏيڻ بجاء تازه ترين حوالا پيش ڪرڻ مناسب ٿيندو.

ملڪ اندر شايد ئي ڪو اهڙو شهري يا چونڊيل نمائيندو هجي جيڪو ان ڳالھ کان انڪار ڪري سگهي ته 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ عالمي مالياتي  فنڊ (آء ايم ايف ) جي مشاورت يا ان جي هدايتن تحت تيار نه ڪئي وئي آھي. هر ڪنهن کي معلوم آھي ته پيش ڪيل بجيٽ ۾ شامل هر هڪ شي آء ايم ايف بهادر جي مرضي سان شامل ڪري پيش ڪئي وئي آھي ۽ انهي ۾ تبديلي آء ايم ايف جي مرضي کانسواء مشڪل نه پر ناممڪن جهڙو مامرو آھي تڏهن اهو سوال پيدا ٿيڻ ته يقيني آھي ته جڏهن بجيٽ ۾ آء ايم ايف جي مرضي کانسواء ڪي وڏيون تبديليون ڪرڻ ممڪن ناهن ته پوء بجيٽ تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرڻ ۽ سينيٽ ۾ بجيٽ بابت تجويزون تيار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آھي؟ جڏهن پارليامينٽ کان ٻاهر ئي بجيٽ ۾ ڪهڙيون شيون شامل ڪرڻيون آھن، جو حتمي فيصلو  ڪرڻو آھي ته پوء بجيٽ جي پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ، ان تي بحث ٿيڻ کان منظوري تائين جي  عمل کي  رڳو خانه پوري ۽ رسمي ڪارروائي  تصور نه ڪجي ته ڪهڙو نالو ڏجي! جڏهن ٻاهر ويهي غير ملڪي اداري کي بجيٽ تيار ڪري ان جي منظوري ڏيڻي آھي ۽ اها ئي بجيٽ منظور ڪرائڻ جي حڪومت بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي آء ايم ايف کي خاطري ڪرائي ڇڏي ٿي، تڏهن اهو سوال اٿڻ به يقيني ٿي وڃي ٿو ته ڇا پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽمپ طور استعمال نه ڪيو پيو وڃي ۽ بجيٽ رڳو آئيني طور منظوري جي خانه پوري ڪرڻ لاء پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ لاء پيش ڪئي وڃي ٿي. اگر پارليامينٽ جي حيثيت رٻڙ اسٽيمپ ٿي وڃي ٿي پوء آئين ۾ پارليامينٽ جا اختيار سلب ٿيڻ جا به سوال جنم وٺن ٿا. آئين ۽ قانون تحت وفاقي حڪومت کي ڪنهن به ملڪي غير ملڪي اداري کان قرض وٺڻ جو ته اختيار آھي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته ڇا حڪومت کي پارليامينٽ کي حاصل اختيارن جي اڳواٽ پارليامينٽ جي منظوري کانسواء ئي ڪنهن اداري کي خاطري ڪرائي انهن شين کي جيئن جو تيئن پارليامينٽ کان ٺپو هڻائڻ جو اختيار حاصل آھي. اگر اهڙو حڪومت کي ڪو اختيار حاصل نه آھي ته پوء آء ايم ايف سان بجيٽ جا اڳواٽ مامرا طئه ڪيئن ڪيا وڃن ٿا؟ اهو سلسلو اسان جي ملڪ ۾ ڊگهي وقت ڪيئن هلي رهيو آھي. ڇا آئين کي مرضي سان هلائڻ واري اها سوچ ملڪ ۾ آئيني حڪمراني قائم ڪري سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ پارليامينٽ 26 ڪروڙ عوام جي امنگن جو ادارو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن تي هر چونڊيل ميمبر کي سڀ کان وڌيڪ سوچڻ گهرجي پر لڳي ٿو ميمبرن حالتن سان سمجهوتو ڪري ورتو آھي. هر پارٽي جي ميمبرن کي ٽڪيٽن جي مجبورين پارٽي جي فيصلن تي اکيون بند ڪري ووٽ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ۽ پارٽين جي ليڊرن کي طاقتور ڌرين جي آشيرواد جي ضرورت ڪٺ پتلي وانگر هلڻ تي مجبور بنائي ڇڏيو آھي.

10 جون تي پيش ڪيل وفاقي بجيٽ تي بحث جاري آھي. اپوزيشن ته بجيٽ جي مخالفت ۾ ئي تقريرون ڪندي آھي پر حڪومتي ميمبر به بجيٽ خلاف دونهان دار تقريرون ڪري رهيا آھن. بجيٽ ۾ عوام لاء ڪو رليف نه هجڻ جا اقرار ڪيا پيا وڃن , زراعت سان زيادتي جي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن , سولر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري عام ماڻهن سان زيادتي تصور ڪيو پيو وڃي, اپوزيشن سان گڏ حڪومتي ميمبر اهو پارليامينٽ ۾ بجيٽ تقريرن دوران چئي چڪا آھن ته پيش ڪيل بجيٽ ۾ ايف آر کي اهي اختيار ڏنا پيا وڃن، جيڪي نيب کي به نه ڏنا ويا هئا ۽ نان فائلر ڪيٽيگري ختم ڪري هاري  مزدور، غريب طبقي کي بينڪ اڪائونٽ کولڻ، موٽر سائيڪل يا ڪا معمولي ملڪيت به پنهنجي نالي ڪرڻ جي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي. ائين بجيٽ تي اپوزيشن سان گڏ حڪومتي ميمبر جن جن خامين جي نشاندهي ڪري انهن کي وڏو ظلم قرار ڏئي رهيا آھن.

اپوزيشن سان گڏ حڪومتي ميمبرن جي تقريرن جو جائزو وٺجي ته ائين لڳندو ته اهي بجيٽ کي عوام دشمن بجيٽ قرار ڏئي چڪا آھن. ان حساب سان ته پوء بجيٽ منظور نه ٿيڻ گهرجي پر سڀني کي معلوم آھي ته بجيٽ ته منظور ٿيڻي آھي. ان جي حق ۾ انهن حڪومتي ميمبرن کي به ووٽ ڏيڻو آھي، جيڪي بجيٽ خلاف تقريرون ڪري چڪا آھن. پوء اهي حڪومتي اتحاد ۾ شامل پيپلزپارٽي جا ميمبر هجن، ايم ڪيو ايم يا ڪنهن ٻئي حڪومتي پارٽي جا هجن، کين معلوم آھي ته ڀلي ڪيتريون به سخت تقريرون بجيٽ خلاف ڪن پر آخرڪار کين ان جي حق ۾ ووٽ ڏيڻو پوندو. پوء بجيٽ جي تقريرن ۾ مخالف ۽ عوام سان همدري ڇا ڏيکاء ناهي؟ پيپلزپارٽي ته مطالبن جي تسليم نه ٿيڻ تي بجيٽ جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. ان اعلان بعد پي ٽي آء جي اسد قيصر بجيٽ خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي پيپلزپارٽي کي پيش ڪئي هئي. پيپلزپارٽي جي خدشن کي ڏسي نائب وزير اعظم اسحاق ڊار پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڪجھ مطالبا منظور ڪيا. پيپلزپارٽي جي مطالبي تي سنڌ جي يونيورسٽين لاء 4.7 ارب جي فنڊنگ بحال ڪئي وئي آھي. پيپلزپارٽي جي مطالبي تي سولر تي ٽيڪس ختم ته نه ڪئي وئي آھي پر سولر تي  18 سيڪڙو ٽيڪس کي گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي پر سکر حيدرآباد موٽروي لاء اڃان به رقم وڌائي رکڻ جو ڪو اعلان نه ڪيو ويو آھي. نان فائلرن بابت به ڪو فيصلو نه ٿيو آھي. زراعت جي رليف جي ڪا به خاطري نه ڪرائي وئي آھي پر پيپلزپارٽي جو بجيٽ منظوري ويجهو اچڻ بعد ٽون تبديل ٿي ويو آھي ۽ ان جا ميمبر هاڻي فلور تي چوڻ لڳا آھن ته پ پ بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندي. پيپلزپارٽي ڪجھ شين ۾ معمولي تبديلي ڪرائي ڀلي پنهنجي ڪاميابي سمجهي پر جيڪا بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي، اها بجيٽ عام ماڻهن جي مسئلن ۾ گهٽتائي نه ڪندي.

باقي هن بجيٽ تي بحث دوران اپوزيشن جي ميمبرن حڪومت خلاف دل کولي ڳالهايو آھي، حڪومتي قيادت کي تنقيد جو نشانو بنايو آھي ۽ عمران خان جي دور کي کير ۽ ماکي جون نديون وهائيندڙ دور قرار ڏيڻ ۾ وسان نه گهٽايو آھي. ائين حڪومتي پارٽين عمران خان جي دور تي اهڙي انداز ۾ تنقيد ڪرڻ کان وسان نه گهٽايو آھي، ڄڻ ته سمورا مسئلا عمران حڪومت ۾ ئي پيدا ٿيا هجن. مطلب ته بجيٽ بحث کي هڪ ٻئي کي لتاڙڻ لاء ڀرپور نموني استعمال ڪيو ويو آھي.

اسان جي ملڪ اندر سياست ۾ هڪ ٻئي کي چور قرار ڏيڻ جي راويت پير پختا ڪندي پئي وڃي ۽ نظر نه ايندڙ ڌريون تاريخ جي پرسڪون دور جو مزو وٺي رهيون آھن. سياسي حڪومتن جا اختيار محدود ٿي رهيا آھن ۽ اسان جي ملڪ ۾ طاقتور ڌريون نه رڳو وڌيڪ طاقتور ٿي رهيون آھن پر رياستي اهي مامرا جيڪي سول حڪمرانن کي طئه ڪرڻ گهرجن  اهي به طاقتور ڌريون ڏسي رهيون آھن اهو ئي سبب آھي ته انهي صورتحال جو عالمي سطح تي اثر ٿي ٿو ڀارت سان جنگ ۽ ايران اسرائيل جي صورتحال بعد آمريڪي صدر سان ملاقات سول حڪومت جي سربراهه کي ڪرڻ گهرجي ها پر  آمريڪي صدر آرمي چيف سان ملاقات ڪري رهيو آھي. ائين ڇو ٿي رهيو آھي واري سوال جو سڀني کي جواب معلوم آھي پر اڪثر زبانن تي تالا آھن، جنهن ڪري خاموشي جو جهان وسيع ٿي ويو آھي