اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بجيٽ جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ طلب، ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي، گهٽ ۾ گهٽ مزدوري ۽ دفاعي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت ناڻي وزير اسحاق ڊار بريفنگ ڏيندو، وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جي به حتمي منظوري ڏيندي، ذريعن مطابق اتحادين گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو اضافي جي سفارش ڪئي آهي جڏهن ته حڪومت محدود وسيلن جي بنياد تي 15 کان 20 سيڪڙو اضافو ڪرڻ چاهي ٿي، ذريعن جو چوڻ آهي ته دفاعي بجيٽ جي منظوري به ڪابينا کان ورتي ويندي جنهن لاءِ 1800 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، وفاقي ڪابينا مزودرن جي گهٽ ۾ گهٽ مزدوري جي باري ۾ به فيصلو ڪندي.