بجيٽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار قرار: سريلنڪا وارو حشر نه ٿئي: اپوزيشن

0
20
بجيٽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار قرار: سريلنڪا وارو حشر نه ٿئي: اپوزيشن
بجيٽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار قرار: سريلنڪا وارو حشر نه ٿئي: اپوزيشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فنانس بل 2025 جي  ناڻي ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن جو  اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو . اختلافي نوٽ اپوزيشن جي ميمبرن عمر ايوب، مبين عارف، شهرام ترڪئي، محمد علي سرفراز ۽ اسامه احمد ميلا اختلافي نوٽ لکيو آھي . اختلاف نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته فنانس بل ۾ ڪمزور معيشت جي بحالي لاءِ ڪا حڪمت عملي شامل نه آهي. برآمدات، مينوفيڪچرنگ، زراعت ۽ نوجوانن لاءِ سيڙپڪاري جي حوالي سان به ڪا واضح حڪمت عملي ناهي، پگهاردار طبقي کي خاطر خواهه رليف نه ڏيڻ بي حسي جو مظاهرو آهي. بجيٽ 2025-26 ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، جيڪو ناانصافي آهي. ود هولڊنگ ٽيڪس، ڪاربن ليوي ۽ سرچارج جهڙا نوان ٽيڪس عوام تي وڌيڪ بار آهن. اهو به چيو ويو ته ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا سخت قدم حڪومتي نااهلي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل ۾ پيش ڪيل ترميمن تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته پاڪستان جي پهرين بجيٽ ۾ 11 سيڪڙو خسارو آھي پر  هن پيش ڪيل بجيٽ ۾ 64 سيڪڙو خسارو آهي. موجوده بجيٽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصان واري بجيٽ آهي. الله نه ڪري ته سريلنڪا وارو سلسلو نه ٿئي. حڪومت اصل سڌارا آڻڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. گذريل بجيٽ ۾ 313 ارب رپيا بي آءِ ايس پي ذريعي تقسيم ڪيا ويا، جيڪڏهن منصفانه طور رقم جي ورهاست ٿئي ها ته بهاولپور ۾ هڪ عورت جو موت نه ٿئي ها. جنيد اڪبر چيو ته جن وٽ عوامي مينڊيٽ ناهي، اهي عوام جي خيال نٿا رکن. جن انهن کي آندو آهي انهن جو خيال رکيو پيو وڃي. عاطف خان چيو ته هن وقت هر ماڻهو ملڪ مان ٻاهر وڃي رهيو آهي. ماڻهو پنهنجون ڪمپنيون وڪڻي ٻاهر سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. زرتاج گل چيو ته بجيٽ ۾ نوجوانن ۽ عورتن متعلق ڪجهه به ناهي. . لطيف کوسه چيو ته تعليم ۽ صحت تي ڪا توجهه ناهي. عمر ايوب چيو ته وزيراعظم، صدر ۽ وزارتن جا خرچ وڌايا ويا آهن.