اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ وزيراعليٰ هفتيوار ملاقاتن جي اجازت گهرندي چيو ته بجيٽ بابت مشاورت لاءِ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ضروري آهي. سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته موجوده عدالتي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته ملاقات جي رستي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي.
اسلام آباد: وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي درخواست کڻي جسٽس منصور علي شاهه جي عدالت ۾ پهچي ويو، عدالت کان باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان غلط دروازو کڙڪايو آهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي يا سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان رابطو ڪريو، اهو ئي بهتر طريقو آهي، اوهان جو وقت به بچندو. هن چيو ته جوڊيشل پاسي تي اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پريڪٽس پروسيجر ڪاميٽي جو چيئرمين آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چيف جسٽس هن وقت لاهور ۾ آهن، انهن سان رابطو ڪريو، بهتر اهو ئي آهي ته رجسٽرار يا چيف جسٽس سان رابطو ڪريو.