اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث، هنگامو، حڪومتي ۽ اپوزيشن سينيٽرز احتجاج ڪيو، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس ٿيو، پي ٽي آءِ جي سينيٽر همايون مهمند بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ عوامي نمائندا نه ٺاهين ٿا نه ئي منظور ڪن ٿا، تقريرن جو ڪو به فائدو ناهي، طاقتور طبقو بجيٽ ٺاهي رهيو آهي جنهن کي عوام جو فڪر ناهي، گردشي قرض پراڻي پاليسين جي ڪري آهي،پ پ، ن ليگ ۽ مشرف جي پاليسي کي ڀوڳي رهيا آهيون، پينشن جي بار ۾ پوري معيشت ڦاسندي پئي وڃي، هنن جون ملڪيتون ٻاهرين ملڪ وڌي رهيون آهن ۽ پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي، بنگلاديش به اسان کي بهتر ٿي ويو، هڪ لک کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون 400 لٽر پيٽرول استعمال ڪن ٿيون، حڪومت پنهنجا خرچ گهٽ ڪري،  فارم 47 واري آڪشن واري حڪومت کي هڪ شخص کان خوف آهي ته باني پي ٽي آءِ اچي ويندو، ڊپٽي چيئرمين آڪشن لفظ حذف ڪرائي ڇڏيو، همايون مهمند جي مائيڪ به بند ڪرائي ڇڏي، همايون مهمند زوردار آواز ۾ پنهنجي تقرير مڪمل ڪئي ۽ شعر به پڙهيو، همايون جي تقرير روڪڻ تي اپوزيشن سينيٽرز احتجاج ڪيو، اپوزيشن سينيٽرز چيو ته همايون کي 10 منٽ به نه ڏنا ويا، باني پي ٽي آءِ جو نالو اچڻ تي مائيڪ به بند ڪئي وئي، سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته ڪوئي حڪومت عوام کي تڪليف ڏيڻ ناهي چاهيندي حالتن تحت مجبوري ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، تنقيد بدران ويهي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. جڏهن ته همايون مهمند جي جملن تي حڪومتي ميمبرز احتجاج ڪيو، هنگامي دوران ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن تي اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو.