اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت جولاءِ کان مارچ تائين معاشي ڪارڪردگي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، هلندڙ مالي سال جي مڪمل ٿيل 9 مهينن ۾ بجيٽ خسارو 3 هزار ارب روپين کان وڌي ويو آھي ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق جولاءِ کان مارچ تائين قومي آمدني 6938 ارب رپيا رهي، ٽيڪس آمدني 5617 ارب رپيا رهي، جنهن ۾ وفاقي ٽيڪس آمدني جولاءِ کان مارچ تائين 5155 ارب رپيا رهي، جولاءِ کان مارچ تائين صوبن جي ٽيڪس آمدني 461 ارب رپيا رهي. جولاءِ کان مارچ تائين مجموعي نان ٽيڪس آمدني 1320 ارب رپيا رهي جنهن ۾ وفاق جي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ آمدني 1214 ارب ۽ صوبن جي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ آمدني 105 رپيا شامل آھي، جولاءِ کان مارچ تائين خرچ 10 هزار 60 ارب رپيا رهيا، جڏهن ته جولاءِ کان مارچ تائين خسارو 3078 ارب رپيا رهيو، جولاءِ کان مارچ تائين قرضن ۽ وياج تي 3582 ارب رپيا خرچ ٿيو، ساڳي عرصي ودران دفاعي ضرورتن تي 1000 ارب رپيا خرچ ٿيو، جڏهن ته جولاءِ کان مارچ تائين پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي مد ۾ 362 ارب رپيا جمع ٿيا.