اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  بجيٽ خسارو هڪ هزار ارب کان وڌي ويو. ناڻي وزارت جي رپورٽ مطابق حڪومت پاران ورتل قرضن تي وياج جي مد ۾ 1379 ارب رپيا خرچ  ڪيا ويا آهن، جولاءِ کان سيپٽمبر بجيٽ خسارو هڪ هزار 14 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. صوبن 51.54 ارب رپيا گهٽ خرچ ڪري وفاق کي فائدو پهچايو. مجموعي طور تي بجيٽ خسارو گهٽجي 962 ارب 80 ڪرڙ رپيا ٿي ويو آهي. صوبن کي  اين ايف سي ايوارڊ تحت 1088 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا. ٽن مهينن ۾ دفاع تي 343 ارب رپيا خرچ ٿيا. جولاءِ کان سيپٽمبر تائين پينشن جي مد ۾ 303 ارب رپيا خرچ ٿيا. پهرين ڇهن مهينن ۾ وفاقي جي حڪومتي معامرن تي 132 ارب رپيا خرچ ٿيا.