اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث جاري. پيپلزپارٽي حڪومت کان ايف بي آر کي گرفتارين وارو اختيار ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، پ پ ميمبر ميمبر مرزا اختيار بيگ چيو ته حڪومت ڪمرشل بينڪن کان پنج سئو ارب رپيا 12 سيڪڙو وياج تي وٺي رهي آهي. اها رقم عوام کان وصول ڪئي ويندي، زراعت گهٽجي وئي آهي، سولر تي 18 سيڪڙو لڳايل ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، اسد قيصر چيو ته اسپيڪر کان شڪايت آهي ته گذريل ڏينهن اپوزيشن ليڊر جي تقرير نشر ٿيڻ نه ڏني وئي. تقريرون گهريون ويون پر اُهي به فراهم نه ڪيون ويون،  ايم ڪيو ايم ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان جون تجويزون بجيٽ ۾ شامل ناهن ڪيون ويون، جيڪڏهن پگهاردار طبقي تي ٽيڪس آهي ته پوءِ هارين تي ڇو ناهي؟ زراعت مان ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار به ايف بي آر کي ڏيڻ گهرجي، اسان وڏن آبادگارن تي ٽيڪس جا حامي آهيون، پر غريب هارين تي ٽيڪس جي حمايت نٿا ڪريون. پيٽروليم ۽ بجلي جي قيمتن کي منجمد ڪرڻو پوندو، ليوي بابت به ٻيهر سوچڻو پوندو.  پيپلز پارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر  چيو ته دنيا زراعت لاءِ ڇا ڪري رهي آهي. اسان زارعت کي لت هڻي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف جي نالي تي هارين کي برباد ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي پاران ايف بي آر کي واپاري طبقي کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ واري شق واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. نويد قمر چيو ته موجوده حڪومت نيب جا اختيار ايف بي آر کي ڏئي ڇڏيا آهن. جڏهن واپاري کي خبر پوندي ته ايف بي آر گرفتار ڪري تذليل ڪندو ته هو پنهنجو پئسو ڇو لڳائيندو، اهڙا اختيار اسان کي قبول ناهن، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾تيل مهانگو ٿيو آهي پاڪستان تي به اثر پوندو، پنهنجي بجيٽ تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل چيو ته هِن ايوان ۾ خالي ڪرسيُن جي ڇا ڳالهه ڪريان. هڪ به وزير موجود ناهي، نوجوان ٻيڙين ۾ ٻڏي مرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ڇو ته هو هن ظلم سان گڏ ملڪ ۾ رهڻ نٿا چاهين، ملڪ تي قرض وڌي 75 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، رقم ڪٿي لڳي ؟ هي حڪومت پاڻ به پينوفقير آهي ۽ ماڻهن کي به پنڻ وارو بڻائي رهي آهي، عورتن لاءِ بجيٽ ۾ ڪا رقم مقرر ناهي ڪئي وئي، هڪ بيواهه عورت کي ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ پينشن نه ڏيڻ وارو ظالماڻو فيصلو بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ ڪيو ته عون چوڌري ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۾ تلخ ڪلامي ٿي. خواجه آصف چيو ته ناڻي وزير عالمي ادارن کان اعتماد حاصل ڪيو، عوام کي ٿڌي هوا نه لڳي رهي آھي پر اميد آھي ته پاڪستان جي معيشت جلدي مستحڪم هوندي.