اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي ٽيم ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ اڄ کان پاڪستان جو دورو ڪندي. مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو  وفد اڄ اسلام آباد پهچندو. ذريعن موجب وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سميت ريونيو قدمن، خرچن تي ظابطي ۽ ٻين ترقياتي خرچن جي بجيٽ بابت پاڪستاني عملدارن سان ڳالهيون ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ان کان اڳ بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستاني اختيارين سان گڏجي تجويزون تيار ڪندي.