اپوزيشن جي گوڙ گهمسان ۽ هُل هنگامي دوران ملڪ جي خزاني واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 26-2025ع جي 17 هزار، 573 ارب رُپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جيڪا 6501 ارب رُپين جي خساري واري بجيٽ آهي. بجيٽ ۾ وياج جي ادائگي لاءِ 8207 ارب رپيا رکيا ويا آهن، دفاع لاءِ 2550 ارب رپيا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نئين بجيٽ ۾ شريڪ حيات جي فوت ٿيڻ بعد فيملي پينشن کي 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو جڏهن ته پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. آن لائين خريداري ۽ سولر پينلز جي درآمد تي 18 سيڪڙي ٽيڪس جي تجويز شامل آهي.
جيئن هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا هوندا آهن، تيئن اسان جي ملڪ ۾ بجيٽ ظاهري طور تي هڪڙي پر اصل ۾ ٻي هوندي آهي. دراصل اها حڪمرانن جي ڳُجهي معاشي ايجنڊا آهي، جنهن تي عمل ٿيندو رهي ٿو. شايد ئي ڪا حڪومت هجي جيڪا پنهنجي پيش ڪيل بجيٽ کي “عوام دوست” ۽ “غريب دوست” نه چوندي هجي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. بجيٽ دراصل انگن اکرن جي راند آهي، جنهن ۾ عوام جي لاءِ ڪُجهه نه هوندو آهي. حڪمران بجيٽ ۾ عوام جي خوشحالي ۽ غربت گهٽجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته، عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن ابتر ۽ ملڪ جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي. ترقي واري ڳالهه تڏهن مڃجي جڏهن عوام جي زندگين ۾ خوشحالي جي جهلڪ نظر اچي. نئين مالي سال ۾ سرڪاري ملازمن کي اميد هوندي آهي ته، سندن پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان اضافو ڪيو ويندو پر اها اميد پوري ٿي نه سگهندي آهي ۽ حڪومت جيڪڏهن پگهارن ۾ ٿورڙو به اضافو ڪندي آهي ته، وري ٽيڪس وڌائڻ يا مهانگائي جي صورت ۾ ان کان ٻيڻو واپس وٺي وٺندي آهي. هن ڀيري به بدترين مهانگائي جي ڪري ملڪ جي غريب اڪثريت لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، غربت ۽ اڻهوند سبب خودڪشين ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اهڙين بدترين معاشي حالتن باوجود حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏئي نه سگهي آهي. حڪومت کي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس سرڪاري ملازمن وٽان حاصل ٿئي ٿو پر پيڙيو به سرڪاري ملازمن کي وڃي ٿو. هن وقت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو، جڏهن ته پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا بنهه ناڪافي ۽ اضافي جي نالي ۾ سرڪاري ملازمن تان چٿر جي برابر آهي. هن وقت مهانگائي جو طوفان آيل آهي، اهڙي طوفان ۾ اهو 10 سيڪڙو واڌارو ڪَک پن ٿي اُڏامي ويندو. بجيٽ ۾ خوشحالي اچڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي پر اها مڃيل حقيقت آهي ته، خوشحالي جي پرک عوام جي خريداري جي قوت وڌڻ سان ٿيندي آهي. جنهن ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهو حڪومتي پاليسين جي ڪري غربت جي ليڪ کان هيٺ هليا پيا وڃن، ان جي باوجود به حڪمران عوام جي ترقي ۽ خوشحالي وارين دعوائن تي پير ٻڌي بيٺل آهن. انهن ملڪن ۾ عوام ۾ خوشحالي ڀلا ڪيئن ٿي اچي سگهي، جن ملڪن جي معيشت ئي ڪشڪول تي آڌاريل هجي. ٻي ڳالهه اها ته، هن ملڪ جي حڪمرانن ملڪ جي مالي خودمختياري کي عالمي مالياتي ادارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته، جيڪا بجيٽ آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ٺهندي هجي، ان بجيٽ ۾ عوام لاءِ رليف يا خوشحالي جي ڪيئن ٿي اُميد ڪري سگهجي.
جڏهن سينيٽ چيئرمين توڙي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ پنجوڻ ۽ ڇهوڻ تي واڌ ٿيندي هجي، اُتي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪنهن ايذائيندڙ چٿر کان گهٽ نه آهي. اسان اها گُهر ٿا ڪريون ته، وڌندڙ مهانگائي جي تناسب سان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو ڪيو وڃي. فيملي پينشن کي 10 سالن تائين محدود ڪرڻ وارو ظالماڻو فيصلو واپس ورتو وڃي. بجيٽ جو اصل مهانڊو عوام کان لڪايو وڃي ٿو، ان ڪري حقيقي انگ اکر ۽ صحيح صورتحال عوام کان ڳُجهي نه رکي وڃي. ترقياتي بجيٽ وڌائي وڃي ۽ ان جي شفاف استعمال کي يقيني بنائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.