اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان بجلي جو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2022 جي ملتوي ٿيل ادائگين جي وصولي لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. نيپرا بجلي 14 رپيا 24 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 2 مارچ تي ڪندو. پنهنجي درخواست ۾ حڪومت بجلي صارفين کان بقايائون 8 مهينن ۾ وصول ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. نيپرا کي ڏنل دخواست منظور ٿيڻ کان پوءِ اهو فيصلو لاڳو ملڪ جي سمورن صارفين خاص طور تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ زرعي صارفين تي به هوندو. 200 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ صارفين کان 9.97 رپيا في يونٽ جڏهن ته 300 يونٽ وارن صارفين کان 13 رپيا 87 پئسا في يونٽ وصول ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي. ملڪ جي ٻين حصن ۾ 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کان 10 رپيا 34 پئسا جڏهن ته 300 يونٽ تائين جي صارفين کان 14 رپيا 24 پئسا وصولي جي درخواست ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه زرعي صارفين کان 9 رپيا 90 پئسا في يونٽ وصولي جي اجازت گهري وئي آهي.