لاهور(ڪامرس ڊيسڪ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (آپٽما) جي چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي خراب پاليسين ڪري 100 ٽيڪسٽائل يونٽ/ ملز  بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو فاسٽر سسٽم بند ڪيو ويو آهي، اسان جو 182 ارب رپين جو سيلز ٽيڪس ريفنڊ التوا ۾ آهي، جنهن ڪري ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽر سيڙپ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي 12 سينٽ في يونٽ واري وڏي اگهه تي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻن سالن دوران گيس ٽيرف 1,100  کان وڌائي 3,500 رپيا في معڪب فوٽ ڪيو ويو آهي، بجلي ۽ گيس مهانگي هجڻ ڪري مقامي پيداوار غير مقابلي واري ٿي چڪي آهي هن چيو ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري تي 5 سيڪڙو ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽرز تي ساڳيو ڪارپوريٽ انڪم ٽيڪس جو بار وڌو ويو آهي، مٿان وري 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ٽيڪسٽائل برآمد ڪندڙن تي 1.25 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي، هن وقت برآمد ڪندڙ ٻٽي ٽيڪس کي منهن پيا ڏين، اهي 135 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مقامي ۽ درآمد ٿيل صنعتن وچ ۾ سيلز ٽيڪس ۾ فرق ختم ڪيو وڃي، ايڪسپورٽ سهولت اسڪيم کي 2024ع جي طريقيڪار تي بحال ڪيو وڃي، برآمد ڪندڙن کي مقامي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وڃي، برآمدي شعبن لاءِ زيرو ريٽنگ بحال ڪئي وڃي،  ٽيڪسٽائل ويليو چين لاءِ سيلز ۾ ڇوٽ بحال ڪئي وڃي.