ٽنڊوآدم (ن پ ا) تنظيم تاجران پاڪستان جي مرڪزي صدر چوڌري محمد ڪاشف چيو آھي ته ملڪ جي واپارين تان وٿ هولڊنگ، سيلز ٽيڪس سميت بجلي جي بلن تان ٽئڪس ختم نه ڪيا ويا ته ملڪي سطح تي احتجاج جاري رهندو، هتي انجمن تاجران پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي ظالماڻن معاهدن جي ڪري آءِ پي پيز ۽ بجلي جي ڪارخانن جي مالڪن کي 28 سئو ارب روپيا پنهنجا نوازي تحت ادا ڪيا پيا وڃن، جيڪا عوام جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته اسان جي جدوجهد جي نتيجي ۾ آءِ پي پيز سان 5 معاهدا ختم ٿي چڪا آهن ۽ 18 ختم ٿيڻ وڃن پيا، هن چيو ته اسين بجلي ۽ گئس جي اصل قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر بجلي چوري جا پئسا اسين ڇو ڏيون، هن چيو ته اسان بجلي جو صنعتي يونٽ 26 کان 30 روپين تائين ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ آهيون ۽ ضرور ڪامياب ٿينداسين، ان کان اڳ سيد عبدالقيوم آغا، وقار حميد جوڻيجو، اقبال ڀٽي، نوشاد شيخ، عبدالقدير مغل، حبيب بهليم، امجد آرائين ۽ ٻين به خطاب ڪيو.