اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا ۾ نومبر جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ درخواست تي ٻڌڻي  چيئرمين نيپرا وسيم مختار جي صدارت ھيٺ ٿي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي 4 رپيا 66 پئسا في يونٽ اضافو گھري ورتو. اٿارٽي پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گھريل اضافي جو وزن بنا جي ايس ٽي 33 ارب 90 ڪروڙ رپيا آھي، جي ايس ٽي سميت ايڊجسسٽمينٽ جو اضافي وزن 40  ارب رپيا آھي. ميمبر سنڌ نيپرا رفيق شيخ جو چوڻ ھو ته اضافي بلن واري مامري تي بجلي تقسيم ڪار ڪمپنين کان وضاحت طلب ڪئي آھي، ھن اٿارٽي کان سوال ڪندي چيو ته پاور ڊويزن پاران اضافي بلن جي معاملي تي اختلاف ڪيو پيو وڃي،  پاور ڊويزن جو پنھنجو ۽  اسان جو پنھنجو ڪم آھي ۽ اسان کي پنھنجي ڪم کان ڪو نٿو روڪي سگھي. ٻڌڻي دوران اين ٽي ڊي سي اختيارين چيو ته بجلي ڪمپنيون پنهنجي مرمتي ڪمن سبب لوڊشيڊنگ ڪري رهيون آهن، سي پي پي اي اختيارين ٻڌايو ته بجلي جي قيمت ۾ هن مهيني 2 رپين 12 پئسن جي اڳوڻي ايڊجسٽمينٽ گهري آهي، نيپرا چيئرمين چيو ته ريفرنس جي مقابلي ۾ بجلي جي طلب گهٽ هجي ته قيمت وڌي ويندي آهي، گروٿ ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي سان ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ ۽ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ وڌندي. نيپرا اٿارٽي سي پي پي اي کان 6 مهينن جي پروجيڪشن گهري ورتي آهي ۽ چيو ته موجوده صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. نيپرا ميمبر مطهر نياز راڻا چيو ته جيتري گهٽ بجلي استعمال ٿيندي، ايتري ئي قيمت وڌندي. نيپرا اختيارين ٻڌايو ته اين ٽي ڊي سي جا ٽاور ڪِرڻ تي اين ٽي ڊي سي کي شوڪاز جاري ڪيو ويو، جڏهن ته نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته بجلي ڪمپنين کي 6 کان 8 مهينن ۾ 15 کان 25 شوڪاز جاري ڪري چڪا آهيون.