اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) چيو آهي ته بجلي ڪمپنين ۾ 781 ارب رپين جي سيڙپڪاري باوجود صورتحال بهتر نه ٿي، ناقص منصوبابندي سبب عوام تي بار پيو. نيپرا پاور سيڪٽر جي اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2023ع جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ورڇ ۾ نااهلي، ٻارڻ جي فراهمي پاور سيڪٽر جا وڏا مسئلا قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پراڻا ۽ خراب ڪارڪردگي وارا پلانٽ مدو پورو ٿيڻ باوجود هلايا پيا وڃن، پاور سيڪٽر ۾ ڊگهي مدي جي منصوبابندي جي کوٽ آهي پر ان جو بار واهپيدارن تي نه وجهڻ گهرجي، گذريل سال مختلف وڏن شهرن ۾ 12-12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي. نيپرا چيو آهي ته بجلي ڪمپنين ۾ 781 ارب رپين جي سيڙپڪاري باوجود صورتحال بهتر نه ٿي، بجلي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي مداخلت سان بهتري آڻي سگهجي ٿي. رپورٽ موجب هڪ سال ۾ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سان 20 ارب 26 ڪروڙ رپين، گئس ۽ ايل اين جي جي کوٽ سان مهانگا پلانٽ هلائڻ سان 164 ارب ۽ ورڇ نظام جي خرابين سان 20 ارب 20 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پيو. نيپرا چيو آهي ته بهتر منصوبابندي سان عوام ان بار کان بچي وڃي ها. جڏهن ته گذريل سال بجلي جا ٽاور ڪِرڻ جا 38 وڏا واقعا پيش آيا.