اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي ڪمپنين جي آفيسرن کي مفت بجلي يونٽس جي فراهمي بند ڪرڻ جون تجويزون تيار ڪري ورتيون آھن، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن کي مفت بجلي  بجاءِ اضافي رقم ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي .  ذريعن مطابق سياري ۾ صنعتي صارفين کي رعايتي اگهن تي بجلي فراهم ڪرڻ جي به تجويز تيار ڪئي وئي آھي . ذريعن جو چوڻ آهي ته گريڊ 17 کان گريڊ 21 جي آفيسرن کي ماهوار مفت يونٽ جي فراهم بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جنهن سان ساليانو 6 ارب رپين کان وڌيڪ بچت ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي . ذريعن مطابق گريڊ 17 جي آفيسرن کي 450 ماهوار مفت يونٽ ڏيڻ بجاءِ 15 هزار 858 روپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. گريڊ 18 جي آفيسرن کي ماهوار 600 يونٽ مفت ڏيڻ بجاءِ 21 هزار 996 روپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح گريڊ 19 جي آفيسرن کي ماهوار 880 يونٽ مفت يونٽ ڏيڻ بجاءِ 37 هزار 594 رپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گريڊ 20 جي آفيسرن کي ماهوار 1100 يونٽ مفت يونٽ ڏيڻ بجاءِ 46 هزار 992 رپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. گريڊ 21 جي آفيسرن کي ماهوار 1300 مفت يونٽ ڏيڻ بجاءِ 55 هزار 536 رپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه جنريشن ڪمپنيءَ جي 17 هين گريڊ جي آفيسر کي ماهوار 650 مفٽ يونٽ بجاءِ 24 هزار 570 روپيا، گريڊ 18 جي آفسرن کي ماهوار 700 يونٽ بجاءِ 26 هزار 460 روپيا، 19 هين گريڊ جي آفيسرن کي 1000 بجلي يونٽ ڏيڻ بجاءِ 42 هزار 720 رپيا، گريڊ 20 جي آفيسرن کي ماهوار 1100 يونٽ ڏيڻ بجاءِ 46 هزار 992 رپيا، گريڊ 21 جي آفسرن کي ماهوار 1300 بجلي يونٽ مفت ڏيڻ بجاءِ 55 هزار 536 رپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق 1974 کان واپڊا ملازمن کي مفت بجلي ڏني پئي وڃي، ملازمن مفت يونٽ فروخت به ڪندا آهن، گريڊ 16 تائين جي ملازمن کي فل الحال مفت بجلي جي سهولت جاري رکي ويندي. ماهوار بچندڙ مفت يونٽ ايندڙ مهينن ۾ شامل ڪيا ويندا. ذريعن مطابق آفيسرن کي موناٽائيزيشن جو ريٽ جولائي 2023 جي ٽيرف تي منجمند رهندو. وزارت خزانه مفت يونٽ ۽ موناٽائيزيسن ٻنهي جي مخالفت ڪئي آهي. اهڙين تجويزن جي جلد ڪابينا پاران منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي.