بجلي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف به ڪريڪ ڊائون

0
157

سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ بجلي جي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي

ڪرپٽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد وڏي پئماني تي ايڪشن کنيو ويو آهي

پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي چوري ۾ ملوث آفيسرز ۽ ملازمن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، 19 سئو 14 آفيسرز خلاف ڪريڪ ڊائون کانپوءِ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي

حيسڪو جا 112۽ سيپڪو جا 86 آفيسرز به بجلي جي چوري ۾ ملوث نڪتا، سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي شروع ٿي وئي