بجلي چوري روڪڻ، سمارٽ ميٽر جلد لڳائڻ جي هدايت: اوور بلنگ قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪريو: وزيراعظم

0
51
بجلي چوري روڪڻ، سمارٽ ميٽر جلد لڳائڻ جي هدايت: اوور بلنگ قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪريو: وزيراعظم
بجلي چوري روڪڻ، سمارٽ ميٽر جلد لڳائڻ جي هدايت: اوور بلنگ قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪريو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي جي جائزي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، اوور بلنگ ڪنهن به صورت قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته بجلي چوريءَ جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. وزيراعظم بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسرن جي مقررين ۾ سستي تي ڳڻتي جو اطهار ڪندي هدايت ڪئي ته انتهائي شفاف عمل ذريعي ڪمپنين جا چيف ايگزيڪٽيو آفيسرن جي مقرري جلد مڪمل ڪئي وڃي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ افرادي قوت جي ڀرتي ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، نيپرا جو ڏنل ٽارگيٽ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري 2024ع جي آخر ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ حاصل ٿيندڙ وڏين ڪاميابين ۽ ملڪ جي توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ جاري قدمن جو جائزو پيش ڪندي چيو آهي ته بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ جديد پاليسين، وڏي سيڙپڪاري ۽ ضروري سڌارن ذريعي معاشي ترقي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته گذريل 8 مهينن ۾ بجلي جي اگهن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جون 2024ع ۾ بجلي جي سراسري قيمت 48.70 رپيا في يونٽ مان گهٽجي 44.04 رپيا في يونٽ تي اچي وئي آهي، 4.66 رپيا في يونٽ گهٽتائي اچي وئي آهي. اهڙي طرح صنعتي بجلي جي قيمت جون 2024ع ۾ 58.50 رپيا في يونٽ مان 11.33 رپيا في يونٽ گهٽتائي سان 47.17 رپيا في يونٽ ٿي وئي آهي. سردار اويس احمد چيو ته اسان صنعتي شعبي مان 150 ارب رپين جي ماليت جي ڪراس سبسڊيز ختم ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ۾ صنعتي ترقي ۽ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ اين ٽي ڊي سي کي ٽن ادارن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي نيشنل گرڊ ڪمپني، انرجي انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ آزاد نظام ۽ مارڪيٽ آپريٽر شامل آهن، وفاقي وزير چيو ته  پهرين مرحلي ۾ پنچ آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا ويا آهن، جنهن سان قومي سطح تي 411 ارب رپيا ۽ ساليانو 70 ارب رپيا بچت ٿي آهي. ٻئي مرحلي ۾ 8 آءِ پي پيز سان معاهدا ڪيا ويا آهن، جنهن سان قومي خزاني کي 238 ارب رپيا بچت ٿيندي، اسان ٻين 16 آءِ پي پيز سان معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون خزاني کي 481 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. هن چيو ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي غير موثر ڪارڪردگي سبب 250 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته اسان 2.2 ٽريلين رپين جي گردشي قرضن جي بار کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي خطي جي سستي بجلي فراهم ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين، گرمين کان سستي بجلي جي خوشخبري ملندي.