اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي 1955 آفيسرن خلاف بجلي چوري ۾ ملوٽ هجڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جڏهن ته 21 آفيسرن کي گرفتار به ڪيو ويو آھي ذريعن مطابق بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ 40 لک يونٽس چوري ٿيڻ تي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کانسواءِ انهن مٿان 16 ڪروڙ 40 لک جو ڏنڊ به لڳايو ويو آھي جنهن مان 1 ڪروڙ 10 لک رپيا وصول ڪيا ويا آھن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي چوري ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ ليسڪو جي 351 ، گيپڪو جي 138 ، فيسڪو جي 195 ، آئيسڪو جي 219 ، ميپڪو جي 314 ، پيسڪو جي 299 ، حيسڪو جي 112 ، سيپڪو جي 86 ، ڪيسڪو 165 ، ٽيسڪو جي 35 آفيسرن خلاف اداراتي ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي ذريعن مطابق بجلي چوري خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آھي. خراب ساک رکندڙ 248 آفيسرن کي هيڊڪوارٽر اماڻيو ويو. سڄي ملڪ ۾ 1900 کان وڌيڪ ايس اي، ايڪسئين، ايس ڊي اوز جون بدليون ڪيون ويون، سيڪريٽري پاور جو چوڻ آهي ته ملي ڀڳت بجلي چوري جي بنياد آهي بجلي چوري ڪندڙن کي معافي نه ملندي، ڪريڪ ڊائون ناقابل معافي ۽ بي رحم ٿيندو ويندو،