ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم جي حڪم تي بجلي چورن خلاف وڏي آپريشن جون تياريون مڪمل آءِ جي سنڌ طرفان سمورن ڊويزنن جي ڊي آءِ جيز کي خط لکي واپڊا ٽيمن سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، خط ۾ ڄاڻايو ويو ته واپڊا ٽيمن سان تعاون ڪيو وڃي، بجلي چورن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، گرفتار جوابدارن ۽ داخل ڪيل ڪيسن جا تفصيل هر هفتي آءِ جي آفيس کي اماڻيا وڃن