اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بجلي 55 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا ٻڌڻي ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. پي پي اي پاران بجلي 55 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار ٻڌڻي ڪئي. سي پي اي ماهوار فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ اضافي جي درخواست ڪئي آهي. منظوري ملڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.