اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سِول نافرماني جي ڪال کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو، زيراعظم چيو آهي ته سول نافرماني کان وڌيڪ ملڪ سان دشمني ڪابه نه هوندي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙن کي بخش نه ڪنداسين، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال، آءِ پي پيز سان معاهدن ۽ شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي واپسي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ملڪ خلاف سازش ڪئي وئي، حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته سازش جي ذميوارن کي ثبوتن سان انجام تي پهچايو وڃي، ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، لبناني وزيراعظم سان رابطي بعد اُتي مقرر سفير کي هدايتون جاري ڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ڪمند جي ڦوڳ تي هلندڙ بجلي گهرن سان اگهن تي نظرثاني جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ 8 آءِ پي پيز جَي ڊِي ڊَبليُو يونٽ وَن، يونٽ ٽُو، آر واءِ ڪَي ملز، چنيوٽ پاور، حمزه شُگر، المُعيز، ٿَل ۽ چنار انڊسٽريز سان معاهدن جي منظوري ڏني وئي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي 8 آءِ پي پيز کان بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ نيپرا سان رابطو ڪندي، آءِ پي پيز سان معاهدن بعد عام ماڻهن لاءِ بجلي جا اگهه گهٽجي ويندا، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آءِ پي پيز معاهدن سان قومي ناڻي کي 238 ارب رپيا فائدو ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا پيا وڃن، ملڪ ۾ نجي شعبي ۽ صنعتن کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وفاقي ڪابينا کي شام جي تازي صورتحال جي حوالي سان پاڪستانين جي واپسي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته شام ۾ 250 پاڪستاني زائرين مان 79 بيروت پهچي ويا آهن جتان کين واپس پاڪستان آندو ويندو. ان کان علاوه شام جي 20 استادن ۽ شاگردن مان 7 شاگرد به بيروت پهچي ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شام ۽ لبنان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا اختيار شام مان پاڪستانين جي محفوظ واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي برگيڊيئر عاصم بشير وڙائچ کي بورڊ آف هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ڪنٽرول مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ڪميشن فار اسٽيٽس آف وومين فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.