اسلام آباد) م ڊ) پاڪستاني اختيارين عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي بجلي جون قيمتون گهٽائڻ تي راضي ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هڪ ارب ڊالرن جي قسط لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جنهن دوران توانائي شعبي جي عملدارن آءِ ايم ايف جي وفد سان اڄ ۽  ڪالهه ملاقات ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا في يونٽ گهٽتائي تي راضي ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 1.5 کان 2 رپيا في يونٽ گهٽتائي لاءِ ڊگهو اجلاس ٿيو.ذريعن موجب بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي عملدرآمد اپريل کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، في ٽيرف ۾ گهٽتائي کان اڳ ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي نجڪاري لاءِ نئون جامع پلان آءِ ايم ايف وٽ جمع ڪرائڻو پوندو.