ملير(رپورٽ: ناز شر) ملير جي مختلف علائقن ملير سٽي، قائدآباد سميت مختلف علائقن ڪي اليڪٽرڪ پاران اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ کان تنگ عوام روڊن تي نڪري آيو، ملير سٽي ويجهو شهرين پاران ايئرپورٽ کان ٺٽي ڏانهن ويندڙ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو، احتجاجي ڌرڻي ۾ عورتن، ٻارڙن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي، مظاهرين پاران ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي، ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنهن سبب مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، جڏهن ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ڏانهن صبح جي وقت ڊيوٽي تي ويندڙ ملازمن کي پڻ سخت مشڪلاتن جو شڪار رهيا، ان موقعي تي گلشن حديد کان ٽاور ڏانهن ويندڙ آر نائين مڪمل طور تي بند رهي ۽ سنڌ مدرسي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، لياري يونيورسٽي، ڊائو يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ڏانهن شاگردن کي کڻي ويندڙ پوائنٽون پڻ مڪمل طور تي بند رهيون، احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مظاهرين چيو ته بجلي جي بندش سبب پاڻي جي پڻ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، قهر جي گرمي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه بجلي بند ڪري انساني دشمني واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، بجلي نه هجڻ سبب پاڻي جو پڻ وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب علائقي واسي اڃ مري رهيا آهن، ان موقعي تي ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پاران مظاهرين سان ڳالهين جا 2 دور ٿيا مظاهرين پاران ايس ايس پي ملير کي واضح ڪيو ته بجلي جي بندش جي خاتمي تائين احتجاج جاري رهندو، ٻئي طرف 17 ڪلاڪ ڌرڻي بعد گھرو وزير ضياءُالحسن لنجار نوٽيس ورتو، جنهن بعد ايس ايس پي ملير هڪ دفعو ٻيهر مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه سان گڏجاڻي ڪري بجلي جي بحالي جو يقين ڏياريو جنهن بعد 17 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ان کان اڳ مظاهرين جي ڌرڻي سبب ڪيترن ئي علائقن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ بند رهي، جنهن سبب ڪيترائي سرڪاري توڙي نجي ڪمپنين جا ملازم توڙي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد اسڪولن، ڪاليجن توڙي آفيسن ڏانهن وڃي نه سگھيا.