وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهو خدشو ختم ٿي ويو ته بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ تي آءِ ايم ايف نه مڃيندو، آءِ ايم ايف جي سربراهه چيو ته پاڪستان بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ وارو پلان کڻي اچي، ان تي غور ضرور ٿيندو، مان آءِ ايم ايف جي ايم ڪرسٽالينا جارجيوا کي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ کانسواءِ ايڪسپورٽ نه وڌي سگهندي، آءِ ايم ايف حڪومتي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي، جنهن تي حڪومتي ٽيم واڌاين جي مستحق آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪڏهن به آڱر کڄڻ نه ڏينداسين، دبئي سمٽ ۾ غزا جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي ڀرپور نموني پيش ڪيو، ناڻي ذخيرن ۾ واڌ اوورسيز پاڪستانين جي حڪومت تي اعتماد جو ظاهر آهي، حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم چيو ته لبيا حادثي ۾ پاڪستانين جون جانيون ضايع ٿيون آهن، اسان کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ ان ڪاري ڌنڌي کي بند ٿيڻ گهرجي