اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ، گرمي سبب ماڻهو بي حال، اسلام آباد ۽ ليه ۾ 25 کان وڌيڪ اسڪولي ٻارڙا بيهوش ٿي ويا، نڪ مان رت وهڻ لڳو، نيپرا بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي بجلي ڪمپنينن جي سربراهن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪرڻ لڳو، شارٽ فال 5 هزار ميگا واٽ تي پهچي ويو، سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ۽ شديد گرمي سبب ماڻهو بيزار ٿي ويا، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ رات جو ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند رهي، شهرين جي ننڊ ڦٽي وئي، حيدرآباد ۽ سکر سوڌو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ رهي، ڪوئيٽا ۽ پشاور سوڌو راولپنڊي ۾ به بجلي جي اکٻوٽ جاري رهي، اسلام آباد جي ملپور علائقي ۾ سرڪاري اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ ۽ گرمي سبب 25 ٻار بيهوش ٿي ويا، گرمي جي ڪري ٻارن جي نڪ مان رت وهڻ لڳو، مٿي تي پاڻي هاري نڪ مان وهندڙ رت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻارن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اسڪول جي موڪل ڪئي وئي، ليه ۾ به ڪيترائي ٻار بيهوش ٿي ويا هوڏانهن بدترين لوڊشيڊنگ تي نيپرا جاڳي پئي، سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ بجلي جي اضافي بندش جو نوٽيس ورتو، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ سوڌو بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز کان وضاحت طلب ڪري ورتي، جاري ٿيل بيان ۾ نيپرا چيو آهي ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي فراهم ڪرڻ جون پابند آهن، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي سربراهن سوڌو سمورن ڊسڪوز کي جمعي تي طلب ڪيو آهي بجلي جي بندش ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي وضاحت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جڏهن ته توانائي وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو عارضي شارٽ فال تربيلا کان گهٽ پاڻي جي ڇوڙ سبب آهي جنهن ڪري 3 هزار ميگا واٽ گهٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي پيداوار وڌي ويندي، ملڪ ۾ مجموعي طلب 24100 ميگاواٽ آهي ۽ سسٽم ۾ موجود بجلي جي پيداوار 22600 ميگاواٽ آهي اهڙي طرح بجلي جو شارٽ فال 1500 ميگاواٽ آهي.

اسلام آباد: نواز ليگ بجلي جي لوڊشيڊنگ کي حڪومت جي نالائقي قرار ڏيندي چيو آهي ته سسٽم ۾ اضافي بجلي موجود هجڻ باوجود لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، حڪمران ڪم نٿا ڪري سگهن ته گهر هليا وڃن، ان سلسلي ۾ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته سسٽم ۾ اضافي بجلي موجود هجڻ باوجود لوڊشيڊنگ نااهلي جي انتها آهي، اسڪولن ۾ ٻار بيهوش ٿي رهيا آهن، صورتحال افسوسناڪ آهي ۽ قابل مذمت آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪم نٿا ڪري سگهو ته گهر هليا وڃو، عوام کي گرمي ۾ وڌيڪ اذيت نه ڏيو، عمران نيازي جي وس جي ڳالهه ناهي ته پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي وڃي، عوام کي ڪجهه ته رليف ملي، شهباز شريف چيو ته ٽرين حادثو هجي يا لوڊشيڊنگ حڪومت پنهنجي نا اهلي جو ملبو ٻين تي اڇلائڻ جي ماهر آهي. نواز ليگ جي نائب صدرمريم نواز چيو آهي ته حڪومت جي نالائقي سان زيرو لوڊشيڊنگ 22 ڪلاڪن تائين پهچائي ڇڏيو آهي، عوام کي هن حڪومت مان ڇوٽڪارو گهرجي، هي حڪومت ايتري نا اهل آهي جو هن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي،