لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نوجوان اتحاد رحمت پور جي سڏ تي شهر جي گاسليٽ ڊيپو، ريلوي ڪالوني ۽ عيسائي بستي جي رهواسين بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سيپڪو انتظاميه جي مبينا ناجائزين خلاف ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن کان پوءِ شهري ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سيپڪو انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي رهواسين عبدالله مگسي، ذوالفقار ڏيٿو، مظهر جوڻيجو، آصف علي جوڻيجو، صدام حسين منگي، سليم اختر چانڊيو، عبدالوهاب مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسين سالن کان وٺي باقاعدگي سان بجلي جا بل ادا ڪندا آهيون پر ان جي باوجود سيپڪو اختيارين طرفان اسان سان ناجائزيون ڪيون پيون وڃن. هنن الزام لڳايو ته لائين سپريٽيڊنٽ زاهد عباسي ۽ لائين مين منٺار ٽاٽڙي غيرقانوني طور خانگي ٺيڪيدار مقرر ڪري هر مهيني لکين روپين جي غيرقانوني اوڳاڙي ڪري ڪرپشن ڪري رهيا آهن جن طرفان ڄاڻي واڻي گاسليٽ ڊيپو، عيسائي بستي ۽ ريلوي ڪالوني جي مين لائين واري ڊي فٽنگ لاهي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري ڄاڻايل علائقن جي بجلي پئسن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن،، جنهن ڪري اسان جي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن مان 2 کان 4 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪري 20 ڪلاڪن تائين هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن،هنن سيپڪو اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي لائين سپريٽيڊنٽ زاهد عباسي ۽ لائين مين منٺار ٽاٽڙي خلاف ڪاروائي ڪري شيڊيول موجب بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.