ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ غربت کان تنگ آيل شهري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، بچائڻ دوران ويڳو پٽ به سڙي زخمي، پوليس موجب منظور ڪالوني ۾ عيد گاهه چوڪ وٽ فليٽ ۾ واقعو پيش آيو. هڪ شخص ظفر گهريلو پريشانين سبب پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري باهه ڏني، جنهن سبب ظفر سڙي دم ڏنو، سندس ويڳو پٽ اعظم پيءِ کي بچائڻ جي ڪوشش دوران سڙي زخمي ٿي پيو، خودڪشي ڪندڙ شخص جو لاش ۽ سندس زخمي پٽ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فائر برگيڊ عملي پهچي باهه وسائي. پوليس موجب ظفر پريشان هو، سندس گهر جو بجلي جو بل هڪ لک 75 هزار رپيا آيو هو، جڏهن ته هو ٻن مهينن کان گهر جي مسواڙ به نه ڏئي سگهيو هو، ظفر زال سان جهيڙي بعد انتهائي قدم کنيو.