اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف بجلي بلن ۾ رليف لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، مهانگائي ۽ واڌو بلن کان تنگ عوام کي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو. حڪومتي ذريعن موجب آڪٽوبر ۾ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي بلن ۾ 3 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿيندي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 60 هزار کان 70 هزار رپين تائين بجلي بلن وارن واهپيدارن جي بلن ۾ 13 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿيندي. ذريعن موجب نگران حڪومت پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو، حڪومتي ذريعن موجب نگران حڪومت طرفان عوامي رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن ۽ رليف جي حوالي سان آءِ ايم ايف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته آءِ ايم ايف پاران بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ بابت نگران حڪومت کان پلان طلب ڪيو ويو هو، آءِ ايم ايف جي منظوري کانپوءِ بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.