ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي، درخواست جماعت اسلامي سٽي ڪائونسل جي مخالف ڌر اڳواڻ سيف الدين ايڊووڪيٽ درخواست داخل ڪرائي آهي، ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيلن پاران وڪالت ناما عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا، ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيلن پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت جي استده ڪئي وئي، عدالت پاران ڌرين کي 10 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عوام ڪي اليڪٽر جي ڪارڪردگي، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ اوور بلنگ مان پريشان آهن، هاڻ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس به شامل ڪئي وئي آهي، ميئر ڪراچي پاران ميونسپل ٽيڪس وصولي ڪي اليڪٽرڪ کي آئوٽ سورس ڪيو آهي، ميئر ڪراچي مخالف ڌر کان مشاورتي عمل کي باءِ پاس ڪندي معاهدو ڪيو آهي. وڪيل چيو ته ميئر ڪراچي مخالف جماعتن پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سان ڪا به مشاورت ناهي ڪئي، ميئر ڪراچي پاران بجلي جي بلن “ لڳايل ٽيڪس کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. ميئر ڪراچي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ ٿيل معاهدي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.