بجلي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي روڪڻ کان انڪار: 150 يونٽ بجلي واهپيدارن کي ڇوٽ

0
42

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ناڻي وزير مفتاح اسماعيل 100 کان 150 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ دڪاندارن کي هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته مينيوفيڪچرنگ ڪمپنين تي 10 سيڪڙو شيون ايڪسپورٽ نه ڪري سگهڻ تي ايندڙ مالي سال کان 5 سيڪڙو اضافي ڊيوٽي  لاڳو ٿيندي، مفتاح اسماعيل چيو ته موجوده ملڪي صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، آگسٽ مهيني ۾ رپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿي ويندو

تفصيل موجب ڪالهه ناڻي وزير مفتاح اسماعيل پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي ڊيٽا مطابق هن مهيني 5 ارب ڊالرن جي امپورٽ ٿي آهي، گذريل مهيني 7.7 ارب ڊالرن جي امپورٽ ٿي هئي، 2.7 ارب ڊالر جي امپورٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن سان رپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو، شيون آسان ٿي وينديون، جون مهيني ۾ 3.8 ارب ڊالر جون شيون خريد ڪيون ويون هيون، جن جي ادائگي جولاءِ ۾ ٿي، جنهن ڪري هن مهيني ۾ ملڪ ۾ آيل ڊالرن کان 80 لک ڊالر اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ ڏيڻا پيا، رپئي تي آگسٽ مهيني کان دٻاءُ گهٽ ٿيندو،هن چيو ته امپورٽيڊ موبائيل ۽ گاڏين جي امپورٽ تي پابندي رهندي

باقي شين جي امپورٽ تي پابندي هٽائي ڇڏي آهي، اسان پاڪستان کي ڊفالٽ کان بچايو آهي، عزم آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪري ان کي سرپلس ۾ تبديل ڪنداسين، ناڻي وزير چيو ته عمران خان ٽوئيٽ ڪري پڇي رهيو آهي ته ملڪ ڇو هن صورتحال ۾ اچي ويو آهي، اسان ٽن مهينن دوران ته اهڙي ڪا شئي نه ڪئي آهي جو ملڪ ڏيوالو ٿئي، ملڪ ۾ هن صورتحال تي عمران پاڻ پهچائي ويو، جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي ملڪ مٿان 25 هزار ارب قرض هو جيڪو هنن 44 هزار ارب تائين پهچايو،

عمران خان جي حڪومت دوران هر سال  بجيٽ خساري ۾ اضافو  ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ ۾ به شوڪتر ترين  ۽ عمران خان جي پاليسين جو وڏو هٿ آهي، پي ٽي آءِ ۾ ٽيڪس وصوليون گهٽ ٿي 11 مان 9 سيڪڙو تي پهتيون، هن سال قرضن تي وياج جي مد ۾ 4  هزار ارب ادا ڪرڻا آهن، عمران هر شعبي ۾ تنزلي آندي، توهان 1700 ارب رپين جا ان ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳايا، ن ليگ جي حڪومت جي آخر ۾ بجلي شعبي جو گردشي قرض 1062 ارب هو، عمران حڪومت ۾ 2500 ارب تي پهچي ويو هو، گيس شعبي ۾ گردشي قرض جو نالو نشان نه هو، هنن گردشي قرض 1400 ارب  تي پهچايو آهي، گيس ڪمپنين جو خسارو وڌيڪ کانسواءِ پي ايس او کي مختلف ادارن کي 500 ارب ڏيڻا آهن، هن اعتراف ڪندي چيو ته اسان مشڪل ترين بجيٽ پيش ڪئي جنهن ڪري ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻيو پئجي رهيو آهي، عمران خان جي حڪومت ڪو ڪم نه ڪيو، رڳو ميڊيا تي اچي تقريرون ڪيون، ٽوئيٽر تي تهمتون هنيون، عمران خان نومبر ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو، ان کي ٽوڙيو، عمران خان سريلنڪا واري حرڪت ڪئي، پيٽرول ۽ ڊيزل نقصان ۾ وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو، ريئل اسٽيٽ جي دوستن کي ايمنسٽي اسڪيم ڏئي آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، مفتاح اسماعيل چيو ته پنجاهه لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو ويو

ڇا 5 هزار گهر به ٺاهيا ويا، هڪ ڪروڙ نوڪرين جا واعدا ڪندڙن ڇا هڪ لک به نوڪريون ڏنيون، 2018ع جي مقابلي ۾ عمران خان جي حڪومت ۾ 65 لک وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا، هن حڪومت کي امپورٽيڊ ۽ غدار چوڻ تي عمران کي شرم نه ٿو اچي، توهان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ايمانداري جا سبق سيکاريو پيا، اوهان 190 ملين پائونڊ پاڪستان جا ڇو ڪنهن ٻئي کي واپس ڪيا، توهان توشا خاني جون گهڙيون 20 سيڪڙو تي وٺي وڪرو ڪيون، ٻين کي ليڪچر ڏئي رهيا آهيو، فارين فنڊنگ ڪيس مان ڪنهن ڳالهه جو خوف اٿوَ ان ڪيس جو جلدي فيصلو ڪرڻ لاءِ اوهان ڇو نه چئي رهيا آهيو

اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪيان ٿو ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو وڃي، بعد ۾ سپريم ڪورٽ چاهي جو به فيصلو ڏئي، نواز شريف جو روزانو بنيادن ڪيس هلندو هو، کيس 180 ڀيرا گهرايو ويو، عمران خان فنانشل ٽائيمز تي آيل اسٽوري شايع ٿيڻ تي ڪيس ڇو نه ٿو ڪري، ناڻي وزير چيو ته اسان سالياني 12 لک ڪمائيندڙ دڪانندارن کان سال ۾ 36 هزار ٽيڪس وٺنداسين، وڌيڪ ڪمائيندڙن کي ٿورو وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻو پوندو، 100 کان 150 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ دڪاندارن جي بجلي بل تي ٽيڪس معاف ڪنداسين، صنعتڪارن، بينڪن سوڌو سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ايندڙ سال کان جيڪا مينيوفيڪچرنگ ڪمپني 10 سيڪڙو مال ايڪسپورٽ نه ڪندي ان مٿان 5 سيڪڙو اضافي ڊيوٽي لڳائي ويندي، هن چيو ته وڌيڪ رقم جو بندوبست ڪري رهيا آهيون

آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ها ته هن سال 21 ارب ڊالر ڪيئن واپس ڪيو ها، حڪومت ۾ آياسين ته رڳو 10 ارب ڊالر هئا، هڪ مهيني ۾ ان مان 5 ارب ڊالر نڪتا، آگسٽ مهيني ۾ رپئي مٿا دٻاءُ گهٽ ٿيندو، ڪوشش هوندي ته ايندڙ مهيني ايڪسپورٽ کي وڌايون، اميد آهي ته ٻن هفتن ۾ رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيندو، هن اقرار ڪيو ته ضمني چونڊن کان پوءِ ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو، ناڻي وزير چيو ته مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان جي ڪوشش هئي ته جيڪا ٻيڙي ٻڏي رهي آهي

پهريان ان کي بچايو وڃي، جلد رپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو ته مهانگائي به گهٽ ٿي ويندي ۽ عام واهدي جي شين جون قيمتون گهٽجي وينديون.ناڻي وزير چيو ته ننڍي کان ننڍو دڪاندار به هڪ لک رپيا ڪمائي ڪري ٿو، سال ۾ هڪ ڀيرو 36 هزار رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو، واضح رهي ته حڪومت ننڍي دڪاندار تي هڪ لک تي 3 هزار رپيا ماهوار ٽيڪس لڳايو هو جيڪو بجلي بلن ذريعن اوڳاڙيو پيو وڃي، هڪ لک رپين جو بجلي بل ڀريندڙ دڪاندار تي ماهوار 10 هزار رپيا ٽيڪس لڳندو