عقيل عباسي
تازو بجليءَ جا يونٽ مهانگا ترين ڪرڻ خلاف سڀ کان وڌيڪ پنجاب صوبي جي ماڻهن احتجاج ڪيا، جنهن کانپوءِ پوري ملڪ ۾ ٿورو گهڻو رد عمل ظاهر ٿيو. جنهن تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٻه ٽي ڏينهن ڪابينا اجلاس ۾ لڳائي ڪو به عوام جي بهتري لاءِ فيصلو ڪرڻ بجاءِ ويتر ڊڪٽيشن تي هلندي اهڙو ته نادر شاهي حڪم صادر ڪري ڇڏيو جو ملڪ جو عوام حيرت ۾ اچي ويو. عوام کي ڪو به رليف ته ٺهيو ويتر بجليءَ جي اگهه ۾ واڌ ڪري عوام تي وڌيڪ بار منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن عوام سان ناجائزي، ڏاڍ، ظلم ۽ زيادتي ٿيندي ته ضرور عوام پرامن احتجاج ته ڪري سگهي ٿو نه، شاباس آهي پنجاب صوبي کي جنهن پنهنجي حق لاءِ اٿي بجلي ڪمپنين جي ظلم زيادتي خلاف سراپا احتجاج بڻجي پوري حڪومت کي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو، بدقسمتي پنهنجي سنڌ جي عوام جي جو جيڪو به نئون نادر شاهي حڪم صادر ٿيندو آهي ته پھريان عمل سنڌ تي ڪرايو ويندو آهي. جهڙي طرح هاڻي نگران وزيراعظم جي بلا جواز حڪم تي بجليءَ جي چوري من گھڙت ۽ بي بنياد الزام هيٺ سنڌ جي غريب مسڪين ماروئڙن کي هڪ بلب ۽ قهر جهڙي گرميءَ ۾ پکو هلائڻ جي ڏوهه گناهه ۾ رينجرس ۽ پوليس جا 30 کان 40 اهلڪارن جا وڏا وڏا اٽالا سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ جائز ناجائز طريقي سان عوام کي من گھڙت، ڪوڙي، ۽ ڏاڍ مڙسي واري انداز ۾ جيڪو به بجلي وارن کي هر مهيني اڳ ۾ ڪميشن نه ڏيندو هو، جيڪو فڪسنگ ۾ نه ايندو هو يا جيڪو ميٽر ريڊر کي هر مهيني ميٽر ريڊنگ چيڪ ڪرڻ وقت هزارين رپيا نه ڏيندو هو، انھي تي واپڊا ملازم ڏمريل هجڻ تي هاڻي پوليس، رينجرس جي وڏن اٽالن جي ٽيڪ تي پلئه ڪرڻ لاءِ ڪيترن بي گناهه ماڻهن تي ڪنڊي لڳائڻ، ڪيترن تي بل پورو نه ادا ڪرڻ جو، ڪيترن تي ئي ميٽر خراب هجڻ جو الزام لڳائڻ سميت ٻيا ڪوڙا الزام لڳائي ٻيو ڪجهه نه پيو ڪيو وڃي بس ايف آئي آر، چالان ڪري ٿاڻن تي گهليو پيو وڃي. ڏوهارين جيان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.
وڏي تعداد ۾ سنڌ جي شهرن ڳوٺن لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور ميرس، ڪي اين شاهه، دادو، نوابشاهه، جيڪب آباد، ٺل، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ميهڙ، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي مٿان هلان ڪندي پوليس ۽ رينجرس جا اٽالا ڪاهي پيا آهن. سنڌ جي عوام کي خوفزده ڊپ جي ماحول ۾ آڻي يا بجليءَ جي ڪوڙي چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ڇا ثابت ڪري رهيا آهن؟ ڇا ڪنهن ايم اين اي، ڪنهن ايم پي اي، ڪنهن سينيٽر، ڪنهن صلاحڪار، مشير، وڏيري، ڀوتار جي بنگلن جي به بجلي لکين ڪروڙن رپيا رهتون رهجڻ تي بجلي ڪاٽي وئي آهي يا ڪنهن وڏيري ڀوتار وزير جنهن کربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، انهن مٿان به ايف آئي آر ڪاٽي چالان ڪري جيل موڪليو ويو آهي؟ غريباڻي مسڪيني حال واري زندگي گذارڻ واري غريب ماڻهو ۽ محل نما بنگلن ۾ عيش واري زندگي گذاريندڙ وزيرن جي بجلي استعمال ڪرڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي پر پوءِ به ڪو به وزير يا ڀوتار بجليءَ وارن جي ور نٿو چڙهي، ڇاڪاڻ ته بجليءَ وارن جي ڪميشن مافيا سسٽم ۾ بجليءَ جا بل رڳو غريبن کي ادا ڪرڻا آهن. سو رڳو سنڌ وارن کي ادا ڪرڻا آهن. جيڪڏهن واقعي بجلي جو بحران آهي ۽ بجليءَ جي چوري جو سوال آهي ته پوءِ سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي ملڪ جا وڏا بجلي چور اهي بنگلن ۾ رهندڙ وزير ڀوتار آهن، جن جي گهرن ۾ هن وقت اي سيون هلن ٿيون، انهن تي بجلي جي بلن جون رهتون به سئو يا هزار نه پر لکين ڪروڙين روپين جون موجود آهن. مجال آهي جو ايڏيون وڏيون رهتون رهيل هجڻ باوجود انهن جي بجليءَ کي ڪٽي انهن مٿان ايف آئي آر داخل ڪري چالان ڪيو وڃي يا انهن کي پوليس يا رينجرس گرفتار ڪري سگهي؟ جڏهن ته نگران حڪومت آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو بجلي چور هوندو جنهن جي رقم رهيل هوندي، انهن مٿان ڏنڊ 50 هزار کان 5 لک ۽ ڇهه مهينا جيل جي سزا هوندي. ڪير ٻڌائي ته جنهن پنجاب صوبن وارن بجلي جي مامري ۾ ڳرن بلن تي سخت احتجاج ڪيو ته انهن مان پوليس، رينجرس ڪيترا ماڻهو ايف آئي آر داخل ڪرائي چالان ڪيا ويا آهن؟ ڪيترن ڪارخانن، فيڪٽرين، ملن، انڊسٽريز جون رهتون وصول نه ڪرڻ تي ڊفالٽر ڄاڻائي بجلي چور قرار ڏنو ويو آهي. رونشي ڪوڏيا پنهنجا سنڌ جا بجلي ڪمپنين جا ملازم جن جي گهرن جي هر هڪ ڪمرن، ورانڊن، اوطاقن دڪانن، آفيسن، بيڪرين ۾ هڪ هڪ اي سي نه پر ٻه ٽي، ٻه ٽي اي سيون هلنديون رهن ٿيون، انهن جي بجليءَ جا بل ڪڏهن ڪنهن چيڪ ڪيا آهن؟ وڏي ڳالهه اھا آھي ته هاڻي نئين نگران حڪومت جي حڪم بعد بجلي وارن جا ٺٺ ٿي ويا آهن. اهي پنهنجي بجلي چوري لڪائڻ لاءِ ٻيو ته ٺهيو پر جن جا بجلي ميٽر آهن، جن جا بجليءَ جا بل فل ادائيگي ٿيل آهي، انهن جي به بجلي ڪاٽي ڏينهن جا ڏينهن بجلي بچائي رهيا آهن پوءِ بجلي اصل صارفين ميٽر ۽ بجلي بل ادا ڪرڻ واري جو ڪهڙو ڏوهه جرم آهي، جو اهي اهڙي قهر جهڙي گرمي ۾ تڙپي بيمار ٿي رهيا آهن؟ قانون ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته جنهن کي ميٽر آهي، جيڪو بجلي جي بل جي ادائيگي ڪري ٿو، انهيءَ کي بجلي چويهه ڪلاڪ ڏيڻي آهي پر هتي ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا بجلي انهن بجلي صارفين جي بند ڪئي وڃي ٿي جيڪي ميٽر وارا آهن ۽ بلن جي پوري ادائيگي ڪندڙ آهن. ٻيو هڪ گذارش آهي ته نگران حڪومت عوام لاء ڪو سٺو ڪم ته ڪري وڃي، اهو هي ته بجلي سستي ڪري وڃي، ميٽر کان بغير ڪو به گهر هوندو ته انهيءَ خلاف سخت قدم کنيو ويندو باقي ٻه چار ڏينهن جي فرمائشي پروگرام ۽ پوليس ۽ رينجرس جي وڏن اٽالن ٽولن کڻڻ سان عارضي وٺ پڪڙ ته ٿي سگهي ٿي پر مستقل بنياد تي بهتري نه ٿي سگهندي. بجلي ڪمپنين جي ننڍي ملازم کان وٺي وڏي ڪرپٽ آفيسرن تائين ڇانٽي جي سخت ضرورت آهي.
اڪثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس گردي کان وڌيڪ بجليءَ وارن عوام کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي. نگران حڪومت ٻڌائي ته سنڌ مان چوريون، اغوائون، لٽ مار، ڌاڙيلن، رهزنن کي گرفتار ڪرڻ، روينيو اداري، ٽريزري آفيسن، صحت کاتي سميت ٻين ادارن ڪرپٽ وزيرن، صلاحڪارن، مشيرن جي اربين کربين روپين جا هڙپ ڪيل رقم واپس ڪرايو، پوءِ بجلي ڪمپنين جا صارفين ڪيڏا نه ويندا. اهي هتي ئي آهن، گهر ڇڏي ڪاڏي نه ويندا پر جيڪي کربين رپيا کائي آمريڪا، لنڊن، دبئي ڀڄي رهيا آهن، انهن جي رستا روڪ ڪري ملڪ کي بچايو وڃي. عقل دماغ کان ڪم وٺو ۽ بجلي صارفين جي نالي تي سنڌ جي عوام کي اذيت ۽ عتاب جو نشانو نه بڻايو وڃي. نگران حڪومت اهو به ٻڌائي ته بلوچستان مان بجلي وارن کي ڪيتري موٽ ملي ٿي، رڪوري ٿئي ٿي، ڪي پي ڪي ڇا جواب ڏيئي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنجاب صوبو جتي فيڪٽريز، ملون، ڪارخانا، انڊسٽريز آهن ۽ بجلي به سڀ کان وڌيڪ اتي استعمال ٿي رهي آهي ته موٽ ۾ رڪوري ڪهڙي ٿئي ٿي؟ بجلي سستي به ٻين صوبن ۾ مهانگي ترين بجلي سنڌ کي ڏني وڃي ٿي پوءِ به ڏمر سيپڪو، حيسڪو جي تي. بجلي جي قيمتن، بجلي صارفين سان وک وک تي ناجائزين ۽ ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ڪندڙ بجلي ڪمپنين جي اڪثر ملازمن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ بغير ڪنهن جواز جي ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا بجلي بند ڪرڻ جو پڻ نوٽيس ورتو وڃي.