اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري( اءِ ايم ايف) پاران حڪومتي خرچ گهٽائڻ واري شرط تي نگران حڪومت بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ جو  فيصلو ڪري ورتو. ذريعن مطابق نگران حڪومت هلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرامن جا نوان منصوبا شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت صرف هلندڙ ترقياتي منصوبن جي ئي مالي ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق ملڪ جي مشڪل مالي صورتحال ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪونسل تجويز جي حمايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي، گئس، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي سبسڊي ۾ صوبن کان آبادي جي حساب سان حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ترقياتي منصوبن ۽ سمورن سبسديز ۾ صوبن کان حصو وٺڻ جي لاءِ قانوني ڍانچي  تي ڪم جاري آهي. جيڪڏهن  ته ناڻي وزارت  قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ تبديلين بابت به سفارشون جوڙڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آھي . ذريعن مطابق وفاقي حڪومت نومبر ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ خرچن ۾ نمايان گهٽائي ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام تحت صوبن کي هلندڙ مالي سال 600 سرپلس ڏيکارڻو آهي  ۽ آءِ ايم ايف جي جائزاتي مشن جيڪڏهن سفارش ڪئي ته پاڪستان کي وڌيڪ 70 ڪروڙ ڊالر ملندا.