شڪارپور: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور منو مل کڳيجا جتوئي ھائوس تي ٿيل بجاراڻي_تيغاڻي خوني تڪرار جي جرڳي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو
سيشن جج ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کان جواب ۽ جرڳي جا تفصيل طلب ڪري ورتا
مقامي عدالت نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي 2018 ۾ سختي سان حڪم جاري ڪيو ھو ته جرڳا غير آئيني ۽ غير قانوني آھن
ايس ايس پيز ۽ حد جا ايس ايڇ اوز پابند آھن ته جرڳا ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جرڳا روڪرائڻ ۾ پوليس ڪردار ادا ڪندي
جج نوٽيس ۾ چيو ته جيڪڏھن ايس ايس پي يا حد جا آفيسر جرڳن خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿا ڪن ته ھو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ليکبا ۽ ھنن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
ميڊيا جي خبرن مطابق گذريل ڏينھن شڪارپور جي جتوئي ھائوس تي بجاراڻي ۽ تيغاڻي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي 46 قتلن جو جرڳو ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيو آھي
ايس ايس پي شڪارپور کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي جرڳي جي تفصيلن سميت 3 ڏينھن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو