بت آهن هر جماعت جي آستينن ۾!

0
17
بت آهن هر جماعت جي آستينن ۾!

اهو 4 اپريل جو ئي هڪ صبح هو، جڏهن هي سِٽون لکندي مونکي خبر ناهي ڇو وليد بن عتبه بن شجيع ياد اچي رهيو هو. عربي زبان جي هن قادرالڪلام شاعر، جنهن ابو مسلم خراساني جو مرثيو لکيو هو. ابو مسلم خراساني، جنهن بنو اموي اقتدار خلاف هڪ منظم تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ بنو عباس اقتدار ۾ اچي ويا. خلافت عباسيه پنهنجي انهيءَ محسن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. محسن ڪشي سان ڀريل انساني تاريخ ۾ هڪ ٻئي المناڪ سانحي جو اضافو ٿي ويو. مؤرخن لکيو آهي ته: “جڏهن ابو مسلم خراساني جي بي رحماڻي قتل جي خبر بصره پهتي، ته وليد بن عتبه بن شجيع چيو:

“محسن ڪشي جو اهڙو بڇڙو مثال شايد ئي ملي.

خليفي جي محل ۾ پردن پٺيان لڪل ڪرائي جي قاتلن، انهيءَ شخص کي موت جو رزق بڻائي ڇڏيو، جنهن عباسي خلافت جي عمارت جي پيڙهه وڌي.

افسوس انهن تي، جيڪي احسان وساري ويٺا. ٽُٽي پرزا ٿين زندگي جي شاهراهه تي اُهي، جن هڪ شهسوار تي لڪي وار ڪيو.

ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي، جو ماڻهو پنهنجن محسنن جي رت سان پنهنجي اڃَ اُجهائين ٿا.

مون کي لڳي رهيو آهي ته عباسي خلافت کي فاتحه خوان نصيب نه ٿيندا.

هاءِ هاءِ، اهو نه رهيو، جيڪو ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو،

۽ جنهن جي مخالفن جي پيرن هيٺان زمين کِسڪندي رهندي هئي.

عرب اهڙا محسن ڪش ته ڪڏهن به نه هئا.

عربن جي منهن تي ڪارنهن مليندڙؤ! قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواب ڏيندؤ؟

وليد بن عتبه جو هي مرثيو ابو مسلم خراساني لاءِ هو، پر هن جي صدا ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري ڏينهن صبح جو ڏني.

ڀٽو، جنهن هڪ هارايل لشڪر ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو. ملڪ کي آئين ڏنو. ايٽمي پروگرام ڏنو. (ايٽمي پروگرام جي درست يا غلط هجڻ تي بحث ٿي سگهي ٿو. اهڙو ئي مڪالمو انهن جي دور ۾ ٿيل ڪجهه آئيني ترميمن تي به ٿيڻ گهرجي). پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ جي پيڙيل طبقن ۾ هن زندگي جي روح ڦوڪي ڇڏيو. ان جي شخصيت، سياست، نظرين ۽ حڪمراني جي انداز سان اختلاف ڪندڙن وٽ به دليلن جا انبار موجود آهن.

اسان جو هڪ گهڻ پڙهيو دوست حارث مجوڪه، ڀٽو صاحب بابت لکيل ڪنهن حوالاجاتي تحرير يا ڪالم تي پنهنجي سوچ جا تير اڇلائڻ جو ثواب اڪثر ڪمائيندو رهي ٿو ۽ اهو طعنو هڻڻ کان به نه ناهن مڙندا ته: “اوهان جي پيڙهيءَ جي محبوب رهنما تعليمي، صنعتي ۽ معاشي ادارن کي قوميائڻ جي پاليسي تي عمل ڪري ابتري کي راند کيڏڻ جي دعوت ڏني”.

منهنجو خيال آهي ته، ڀٽو صاحب کي اسان کي هڪ انسان ئي سمجهڻ گهرجي. گوشت پوست جو انسان، هڏ چم جو ٺهيل انسان. نه ته ڪو آسماني اوتار هو ۽ نه ئي ڪو ڄمندي ڄام، ولي يا صوفي.   يقينن، کانئس به غلطيون ٿيون، پر سندس خوبين جو پلڙو ڳرو آهي، ۽ پوءِ ضياءُ الحق جي ظلم واري دور ۾ شان سان ڦاسيءَ تي چڙهي، هن تاريخ ۾ پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته، ڀٽو چاهي ها ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير کي 1973ع جي آئين جو پيش لفظ يا مهاڳ قرار ڏئي سگهيو ٿي. بدقسمتي سان ائين نه ٿيو، بلڪه هن جهڙي هڪ سڪيولر، لبرل ۽ ترقي پسند رهنما رياست کي “مشرف بہ اسلام” ڪيو ۽ پوءِ اسلام پسندن جي هٿان ڦاسيءَ تي چڙهي ويو. مذھب جو اُٺ جيڪڏهن مفاهمتي سياست جي شوق سبب 1973ع جي آئين جي خيمي ۾ داخل نه ٿيو هجي ها، ته پوءِ انهن ڪيترين ئي بدعتن جو ماتم نه ڪرڻو پوي ها، جن جي ڪري هڪ ترقي پسند، لبرل ۽ قومي جمهوريت جي شعور سان مالا مال سماج جي تعمير جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون.

طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏيندڙ رهنما سماج جي بالادست طبقن ۽ اٻوجهه مُلن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. آمريڪي ان جي رت جا پياسا هئا، ۽ جيئن ئي آمريڪين کي جنرل ضياءُ الحق جي صورت ۾ وفادار مليو، اهي باقي ڪٺ پُتلين کي ميدان ۾ وٺي آيا.

ٽئين دنيا جي هڪ پوئتي پيل ملڪ جي محڪوم ڌرتيءَ جي فرزندن جو آواز بڻجندڙ ڀٽو جي ذات ۽ سياست جو سحر اڃان به ماٺو ناهي ٿيو. سندس جماعت، سندس نياڻيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان وٺي، هاڻي سندس ناٺي ۽ ان جي فرزند جي “قبضه قدرت” (هٿ وس) ۾ آهي. البته، پيپلز پارٽي جي سامراج دشمن سياست ماضي جو قصو ٿي چڪي آهي. شدت پسندي ۽ ان جي ڪُک مان جنم وٺندڙ غير رياستي عسڪريت پسندي تي، ڀٽو صاحب جي ناٺي ۽ پارٽي جي مالڪن آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي بيانن کان پوءِ، ڪجهه دوستن کي جيڪڏهن پي پي پي ۾ لبرل ازم ۽ سامراج دشمني جا جراثيم نظر اچي رهيا آهن، ته انهن کي ڪنهن ماهر حاذق حڪيم سان رجوع ڪرڻ گهرجي.

اهو تاريخ جو جبر ئي آهي ته، ڀٽو کي ڦاسي ڏياريندڙ جنرل ضياءُ الحق جي سرپرست سعودي عرب سان ڀُٽي جو ناٺي قدم سان قدم ملائي گڏ بيٺو آهي. صرف اهوئي نه، پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) جي اتحادي پڻ آهي، پر هن بحث ۽ سوال کي اتي ئي ڇڏي ٿا ڏيون. نظريا هاڻي ناياب وکر بڻجي چڪا آهن. جيئن ئي ايڪيهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي جي پنجين سال تائين پهچندي پهچندي، گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي. پاڪستان جون سياسي، مذهبي، فرقيوارانه ۽ قوم پرست جماعتون خانداني ۽ طبقاتي ڪمپنيون بڻجي ويون آهن. هتي هاڻي “بت هر جماعت جي آستينن ۾” آهن. ڪڏهن ايندو حڪمِ اذان. ان جو انتظار آهي؟ في الحال ته ان جي ڪا خبر ناهي. نه ئي طوفان کان اڳ واري گہري خاموشي آهي. ڀٽو صاحب جي پارٽي ۽ ان جي موجوده قيادت پاڪستاني سياست جي بدلجندڙ گهرجن جو ادراڪ ڪرڻ جي بجاءِ اڄ به وفاق پرست سياست جو جهنڊو سنڀالي بيٺي آهي.

توڙي جو هڪ ڀيرو 18هين ترميم ذريعي پي پي پي اختيارن جي صوبن کي منتقلي جو رستو هموار ڪيو، پر حقيقي صوبائي خودمختاري جو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو، ان بابت ڪجهه چوڻ ان لاءِ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم جي ارٿِي کڻڻ ۽ تدفين ڪرڻ وارا ئي هر طرف نظر اچن ٿا، ۽ فيصلي سازي جو اختيار اڃا به “مقتدره” جي هٿ ۾ آهي.

خوبين، خامين جو بحث پنهنجي جاءِ تي، پر اها اٽل حقيقت آهي ته ڀٽو 20هين صدي جي چند وڏن رهنمائن مان هڪ هو. ان جي شخصيت ۽ حڪمراني جي انداز تي بحث ڪندڙن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اهو ئي ڀٽو هو، جنهن ٻن حصن ۾ ورهايل ملڪ جي تعمير ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي.

ان جي سياست جي انداز ئي رعيت کي عوام هجڻ جو شعور ڏنو، ۽ عوام طبقاتي سياست جا وڏا برج ابتا ڪري ڇڏيا. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته، هو اسڪندر مرزا جي دور ۾ اقتداري ايوان ۾ داخل ٿيو، پوءِ پهرئين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان جي دور ۾ وزيرِ خارجه طور تي پنهنجين صلاحيتن کي مڃرايو.

ايوب خان جي حڪومت کان الڳ ٿيو ته هن هن جي پهريون ترجيح نيشنل عوامي پارٽي ۽ ٻي ڪائونسل مسلم ليگ هئي، پر اهي پارٽيون وڌي ويجهي نه سگھيون. ان ڪري هن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو. ترقي پسندانه خيالات ۽ نظريا رکندڙ پي پي پي، ٻاٽ اوندهه ۾ عوام دوست سياست جي مشعل روشن ڪئي.

5 جولاءِ 1977ع تي ان جي اقتدار جو ٻيو دور پڄاڻيءَ تي پهتو. جنرل ضياءُ الحق (جنهن کي هن اٺين درجي کان مٿي آني آرمي چيف بڻايو هو) ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري ڇڏيو. ضياءَ جي ٻانهي بڻيل عدالتن ان کي قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي. 4 اپريل 1979ع جي صبح، ڦاسي گهاٽ تي ان جي ساهن جو سڳو ڇڄي ويو.

ڀٽو ضياءُ الحق لاءِ، ڦاسي تي چڙهڻ کانپوءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو. ضياءُ جي مارشل لا هزارن جانين کي سزائون ڏنيون. سوا لک کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين کي فوجي عدالتن کان سزا ڏياري وئي، پر اهي ڀٽو جي محبت کي ماڻهن جي دلين مان ڪڏهن به نٿي ڪڍي سگھيا.  گذريل 46 سالن کان اهي يادون تازو ڪرڻ لاءِ 4 اپريل تي ڳڙھي خدا بخش ۾ گڏ ٿيندا آهن. ڪاش! ڳڙھي خدا بخش ۾ هر سال 4 اپريل تي گڏ ٿيڻ واري پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيهر هن ملڪ جي محڪوم ۽ مجبور طبقن جي جماعت بڻجي سگهي. انهن کي اها حقيقت سمجھڻ گُهرجي ته پاڪستان ان ۾ آباد پنجن قومن جو ملڪ آهي ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پنجن قومن جي وچ ۾ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي. پر ڇا اها پيپلز پارٽي، جنهن تي اشرافيا جي ‘مختلف الخيال’ طبقي جو قبضو آهي، ميدان عمل ۾ لهي سگهندي؟

هِي سوال خاص اهميت رکڻ وارو آهي، پر ڇا اقتدار جي سرڪش پيپلز پارٽي پنهنجي اصل طرف واپس واپس وڃي سگهندي؟ ٻيو سوال پهرئين سوال سان جڙيل آهي. ڏسڻو اهو آهي ته 1988ع کان سمجھوتن جي سياست ۾ مصروف پي پي پي جي ٻيهر نئين سر اُڀرڻ جو امڪان آهي يا اهو خواب به تعبير کان اڳ چوري ٿي ويندو.