باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو ڀرسان ڳوٺ سردار داد محمد جکراڻي ۾ پورھيت وقار لاشاري جي ٽن ورھين جي ڌيءُ خليلان لاشاري کي پوليو جو شڪ ظاھر ڪيو ويو، نينگري کي وارث بيماري سبب جيڪب آباد جي خانگي اسپتال کڻي پهتا ته ڊاڪٽر وڪرم پوليو جو شڪ ظاھر ڪيو، ان موقعي تي نينگري جي وارثن ٻڌايو ته بيماري سبب نينگري کي اسپتال کڻائي پهتاسين ته ڊاڪٽر وڪرم پوليو جو شڪ ظاھر ڪيو، ھنن ٻڌايو ته اسان جي نينگري پوليو جا ڦڙا نه پياريا هئا، نياڻي جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي، ھوڏانھن ڊي ايڇ او جيڪب آباد سان رابطو ڪرڻ تي فون نمبر بند ھو.