باھو کوسو: پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته باھو کوسو شھر سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي ھجڻ ڪري وڏي اھميت رکي ٿو پنھنجي اقدار دور جي 5 سالن ۾ باھو کوسو شھر لاءِ تمام گھڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن پنھنجي 5 سالن جي اقدار دور ۾ باھو کوسو کان آر ڊي 44 تان 14 ڪلو ميٽرن جو روڊ ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي گذريل سال طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي تيز پاڻي جي وھڪرن سبب ڪري پيل شاھي ڪينال جي پل ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهي آهي ۽ باھو کوسو کان دوڙ تائين ۽ باھو کوسو کان انڙ اسٽيشن تائين روڊن جون ڪروڙين روپين جي اسڪيم منھنجي 5 پنجن سالن جي اقدار دور ۾ ٿيون جيڪي روڊ ۽ پل ٺھي تعمير ٿيا آھن ڪجھ ڪم ڪنھن مجبورين سبب رھجي ويا انشاء الله اڳتي اقدار ۾ آيس ته اڳ ۾ باھو کوسو شھر لاء وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائيندس.