باھوکوسو(ن پ ا) باھوکوسو لڳ موٽرسائيڪل ڦر دوران زخمي ٿيل پوليو ورڪر جو ڪيس ستن ڏينھن بعد پنج نامعلوم ھٿياربندن مٿان داخل ڪيو ويو ، اڳ خان لاڙي وٽ پوليو ورڪرن جي ٽرينگ تي موٽرسائيڪل تي ويندڙ نياز احمد بھراڻي ۽ سندس پٽ امداد علي بھراڻي کي کان هٿياربند ڦرلٽ ڪري ويا هئا، واقعي جو ڪيس باھوکوسو ٿاڻي تي نياز احمد بھراڻي جي فرياد تي پنجن اڻسڃاتلن مٿان داخل ڪيو ويو آھي.