سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو باگڙجي مان اغوا ٿيل حافظ عبدالحميد مهر بازياب ٿي گهر پهچي ويو. پوليس جي دعويٰ موجب 8 مهينا اڳ آباد ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل حافظ عبدالحميد مهر کي مقابلي بعد بازياب ڪرائي سندس اغوا ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، رپيٽر ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.