سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو باگڙجي جي ڪچي ۾ پوليس جو ڊرون جي مدد سان مبينا حملو، گهر جي اڱڻ تي موجود نوجوان ناري مارجي وئي، 3 عورتون زخمي، وارثن جو شڪارپور پوليس مٿان ڊرون حملو ڪرڻ جو الزام، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب باگڙجي جي ڪچي ۾ ڳوٺ نيباهو ۾ مبينا پوليس جي ڊرون حملي ۾ شادي شدهه نوجوان ناري سڪينا زال هيرو جتوئي مارجي وئي، اِن ڏس ۾ مسمات مريدان عطراڻي جتوئي دانهيندي الزام مڙهيو ته شڪارپور پوليس ڊرون ذريعي فائرنگ ڪري نوجوان نياڻي کي ماريو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ٽي عورتون زخمي ٿيون آهن، هن ٻڌايو ته سڪينا جي ٻه سال اڳ شادي ڪرائي هئي، جيڪا ڳورهاري به آهي، پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، واقعي کان پوءِ باگڙجي ٿاڻي تي لاش کڻي وياسين، ٽي ڪلاڪن تائين لاش ٿاڻي تي هو پر پوليس تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، باگڙجي پوليس شڪارپور ٿاڻي جي حد ڄاڻائي اسان کي پريشان ڪري رهي آهي، ٽي ڪلاڪ ويهارڻ کان پوءِ بغير ليٽر جي لاش سول اسپتال کڻي وڃڻ جو چيو ويو، لاش اسپتال پهچايو ويو آهي پر هن وقت تائين اسپتال جو عملو پوسٽ مارٽم لاءِ ناهي پهتو، هنن چيو ته نقصان به اسان جو ٿيو آهي ۽ پوليس پريشان به اسان کي ڪري رهي آهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ انساني حقن واري تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي شڪارپور جو چوڻ آهي ته شڪارپور پوليس جو اِن طرف ڪو به آپريشن هلندڙ ناهي ۽ نه ئي ڪنهن جي فوت ٿيڻ جي اسان کي ڄاڻ آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او باگڙجي برڪت ڀٽي جو چوڻ آهي ته واقعو شڪارپور ضلعي جي جهلي ڪلواڙي ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي، ٻئي طرف معاملي متعلق ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي شڪارپور سان رابطو نه ٿي سگهيو.