بينڪاڪ (اسپورٽس نيوز) ٿائلينڊ ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت باڪسنگ مقابلي ۾ پاڪستاني باڪسر پنهنجي ڀارتي مخالف کي مات ڏئي ڇڏي. ٿائلينڊ ۾ ٿيل رينڪنگ فائيٽ ۾ پاڪستاني باڪسر شهير آفريدي مخالف ڀارتي باڪسر ترجوت سنگهه باوا کي شڪست ڏني. شهير آفريدي شاندار راند پيش ڪندي چوٿين رائونڊ ۾ ڀارتي مخالف کي شڪست ڏني. ٽئين رائونڊ ۾ ئي ڀارتي باڪسر ترجوت سنگهه باوا جو توازن بگڙي ويو هو ۽ چوٿين رائونڊ ۾ هن شڪست کاڌي، جنهن بعد ريفري کيس وڌيڪ مقابلو جاري رکڻ کان روڪي ڇڏيو.