ميلبورن (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ميلبورن ۾ کيڏيل سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن ڀارت کي 184 رنسن تان شڪست ڏني، آسٽريليا بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ميچن جي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي. راند جي پنجين ڏينهن آسٽريليا ڀارت کي کٽڻ لاءِ 340 رنسن جو هدف ڏنو هو پر ڀارتي ٽيم 155 رنسن تي ئي آل آئوٽ ٿي وئي. ماني جي وقفي کان اڳ ڀارتي ٽيم 33 رنسن تي ٽي اهم وڪيٽون وڃائي چڪي هئي، جن ۾ ڪپتان روهت شرما، ڪي ايل راهل ۽ ويرات ڪوهلي شامل هئا. ماني جي وقفي بعد اوپنر يشسوي جئسوال ۽ وڪيٽ ڪيپر رشڀ پنت ٻه ڪلاڪ بنا ڪنهن نقصان جي گذاريا، جنهن بعد ميچ ڊرا ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿيو. پر چانهن جي وقفي کان پوءِ رشڀ پنت پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو ۽ پوءِ ڀارتي بيٽرن جي لائين لڳي وئي، آخري ست ڀارتي بيٽر ٽيم جي مجموعي اسڪور ۾ رڳو 34 رنسن جو واڌارو ڪري سگهيا. باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي ٻي اننگز دوران جئسوال پاران ڇڏيل ٽي ڪيچ به ڀارت لاءِ مهانگو ثابت ٿيا. ڀارت لاءِ اوپنر يشيشوي جئسوال ٻي اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ 84 رنسون ٺاهيون. ان کان سواءِ رشڀ پنت 30 رنسن جي اننگز کيڏي. انهن ٻنهي کان سواءِ ڪو به ڀارتي بيٽسمين ٻه ڊبل فگرز ۾ به داخل نه ٿي سگهيو. جئسوال جو وڪيٽ جيتوڻيڪ تڪراري هئي، پر بال جو رخ بدلجڻ سبب کيس آئوٽ قرار ڏنو ويو. آسٽريليا جي طرفان ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ اسڪاٽ بولينڊ ٽي، ٽي وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نيٿن ليون ٻه ۽ مچل اسٽارڪ ۽ ٽريوس هيڊ جي حصي ۾ هڪ هڪ آئي. چوٿين ڏينهن جو راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا 9 وڪيٽن تي 228 رنسون ٺاهي چڪو هو. پنجين ڏينهن جي شروعات ۾ آسٽريلوي ٽيم رڳو ڇهه رنسن جو اضافي سان 234 جي اسڪور تي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي ريت ڀارت کي کٽڻ لاءِ 340 رنسن جو هدف مليو. هن ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پهرين اننگز ۾ اسٽيو سمٿ جي سينچري جي مدد سان 474 رنسن جو جبل جيڏو کڙو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ڀارت پهرين اننگز ۾ 369 رنسون ٺاهيون. ڀارتي ٽيم اٺين نمبر تي ايندڙ نوجوان آل رائونڊر نتيش ڪمار ريڊي جي سينچري جي مدد سان فالواون کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ پوءِ بمرا ۽ سراج جي زبردست بالنگ آسٽريليا کي ٻي اننگز ۾ چيلهه ڄٻي ڪري ڇڏي. پرنيٿن ليون ۽ بولينڊ جي آخري وڪيٽن لاءِ 61 رنسن جي ڀائيواري آسٽريليا کي مستحڪم پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو. باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آل رائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪينگروز ڪپتان پيٽ ڪمنز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.