دادو ( رپورٽر ) باڪسنگ چيمپئن عاليا سومرو جي دادو پهچڻ تي استقبال ڪيو ويو ، سماجي تنظيم پاران دادو پريس ڪلب ۾ رٿيل تقريب دوران عاليا سومرو کي اجرڪ ۽ لونگي جا تحفا ڏنا ويا ، تقريب کي خطاب ڪندي عاليه سومرو چيو آهي ته 12 سال باڪسنگ ۾ سکيا ورتي ، پهريان سوچيندي هيس ته مونکان ڪجھ نه ٿيندو ، پر پوء محنت ڪئي ۽ باڪسنگ جي عالمي مقابلي ۾ جذبي سان کيڏي باڪسنگ جو عالمي رڪارڊ پاڪستان جي نالي ڪيو ، شاگردياڻين کي اسپورٽس جي ميدان ۾ اچي پاڻ کي مڃرائڻ گهرجي.