باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۽ ڀرپاسي ۾ ساريالي فصل جو رونبو شروع، باڊھه شاخ، پنيهڙ شاخ، خيرواهه، بٺ شاخ سميت آسپاس  وارن علائقن ۾ هائيبرڊ ٻج جي آڳاٽي ساريالي جنس جي پوکائي تيزي سان شروع ٿي وئي آهي، رونبا شروع ٿيڻ سبب بيروزگار پورهيت طبقو پڻ روزگار سان لڳي ويو آھي، ان سلسلي ۾ سارين جو رونبو ڪندڙ پورهيتن مظفر بروهي، ساجد نوناري، مسعود ڪوري، منير لاشاري ۽ ٻين چيو ته مهانگائي سبب ڪيترائي ئي پورهيت بيروزگار ٿي ويا آھن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب سرن جي بٺن، تعمير ٿيندڙ جڳهين جا ڪم ٺپ ٿي ويا آھن، جنهنڪري ڏهاڙيدار پورهيت بيروزگار بڻجي ويا هئا، هاڻي سارين جي فصل جي رونبي تي مزدوري ملي رهي آهي، هنن چيو ته ڏهاڙي تمام گهٽ ڏني پئي وڃي، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي کاڌي پيتي جي شين جا اگھه آسمان سان ڳاهليون ڪري رهيا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ 400 روپيا ڏهاڙي ڪا به معنيٰ نٿي رکي، هنن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار رپيا ڏهاڙي هجڻ گهرجي.