باڊھه (ن پ ا) باڊھه ويجهو ڳوٺ دڙا ۾ قائم ٿيل سرڪاري ڊسپينسري اين جي اوز حوالي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ بشير احمد جوڻيجو، سيد مٺل شاهه، ڪامريڊ شاهنواز جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ڊسپينسري ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ماتحت هلندڙ آھي جنهن ۾ ڊاڪٽرن سميت سموريون صحت جون سهولتون بهتر نموني مهيا ڪيون پيون وڃن پر هاڻي صحت کاتي پاران ڊسپينسري اين جي اوز حوالي ڪئي پئي وڃي، هنن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ دڙا جي ڊسپينسري کي ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي ماتحت ئي هلايو وڃي، اين جي اوز حوالي ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.