باڊھه (ن پ ا) باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شھرين باڊھه تعلقه موومينٽ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين چيو ته باڊھه شھر هڪ تاريخي، ڪاروباري ۽ وڏي آبادي ۽ ايراضي وارو شھر آھي، ٽائون ڪاميٽي 14 وارڊن ۽ 24 ڪائونسلرن تي مشتمل آھي پر افسوس جو شھر کي ميونسپل ڪاميٽي ۽ تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو، هنن چيو ته عام چونڊون ٿيڻ واريون آھن ۽ نئين تڪبندين جي رٿابندي ۽ آدمشماري جا فيصلا ورتا پيا وڃن، ان لاءِ اسين نگران حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته  باڊھه تعلقي جو نوٽيفڪيشن فوري طور جاري ڪيو وڃي.