لاهور(اسپورٽس نيوز) واپڊا جي باڊي بلڊر فدا حسين بلوچ ڪرغزستان ۾ ٿيندڙ ايشين باڊي بلڊنگ چئمپين شپ ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو، ان سان گڏوگڏ ئي هن پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايليٽ پرو ڪارڊ به کٽيو ۽ مسٽر ايشيا جو ٽائيٽل حاصل ڪيو. واپڊا جي باڊي بلڊر فدا حسين بلوچ ڀارتي حريف کي شڪست ڏئي 90 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو. چئمپين شپ ۾ پاڪستان سان 10 باڊي بلڊرز 14 مختلف ڪيٽيگريز ۾ مقابلو ڪري رهيا آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ هن جي فائونڊيشن فدا حسين بلوچ کي سندس ڪاميابي تي مبارڪ پيش ڪئي آهي.