باڊھه(ن پ ا) باڊھه ويجهو ڳوٺ مصطفيٰ آباد ۾ شادي تقريب دوران 4 گهوٽن پاران تڪراري ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو،  شادي تقريب دوران 4 گھوٽن امجد علي ، ضمير حسين، احمد نواز ۽ سعيد احمد کوکر   جذباتي انداز ۾  سنڌو درياءَ  تي ڌاڙو نامنظور ،ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻي تڪراري ڪئنالن جي رٿا خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي هنن چيو ته سنڌو اسان سنڌ واسين جي ساهه جي تند آھي، جيڪڏهن سنڌو تي ڪئنال اڏجي ويا ته ڪروڙين سنڌين جو جياپو ڏکيو ٿي پوندو، هنن چيوته  تڪراري ڪئنالن خلاف هرهنڌ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي.